ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري ويجهو المنظر وٽ نينگر ڪلري بگهار فيڊر ۾ پير ترڪڻ ڪري ٻڏي ويو، ٻڏي ويل جي سڃاڻپ حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد واسي13 ورهين جي حسن پٽ امير بخش قريشي طور ٿي آهي، اطلاع تي وارثن خانگي ٽوٻا گهرائي نينگر جي لاش جي ڳولا شروع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته اطلاع باوجود ضلعي انتظاميا سرڪاري ٽوٻا يا ٻي ڪا امدادي ٽيم پهچي نه سگهي، نينگر جو لاش هٿ نه اچي سگهيو.