ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ سيوهڻ پوليس جي وڏن اٽالن پاران ايس ايچ او ذوالفقار اوڍاڻو جي سربراهي ۾ پوليس پاران سخي سيد سليمان شاهه ڪالوني ۾ واقع ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ اصغر شاهاڻي جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر اندر موجود عورتن مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ گهر اندر ڀڃ ڊاهہ ڪئي، جنهن بعد پوليس ايس يو پي اڳواڻ اصغر شاهاڻي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي پوليس ڪارروائي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ ايس يو پي ڪارڪن ۽ شهري بہ پهتا جنهن بعد پوليس واپس رواني ٿي وئي، هوڏانهن ايس يو پي ڪارڪنن پاران شبير ٻرڙو، اصغر سولنگي، صفر ڀنڊ، سهيل ٻرڙو، علي رضا چنا جي اڳواڻي ۾ سيوهڻ پوليس خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو تہ ايس ايچ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻي ايس يو پي ڪارڪنن لاء ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي، بناجواز جي رات جي انڌيري ۾ ايس يو پي اڳواڻ اصغر شاهاڻي جي گهر ۾ ڌاڙيلن وانگر پوليس گهڙي عورتن مٿان تشدد ڪيو ۽ پوليس گردي ڏيکاري جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آهي، هنن چيو تہ ايس يو پي اڳواڻ اصغر شاهاڻي مٿان جيڪڏهن ڪو ڪيس داخل آهي تہ اهو ظاهر ڪيو وڃي، باقي رات جي اوندهه ۾ گهرن تي چڙهائي ڪري پوليس قومپرست ڪارڪنن کي هيسائي نہ ٿي سگهي، اسان جا حوصلا بلند آهن، هنن چيو تہ ايس ايچ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻو تڪراري بڻجي چڪو آهي جيڪو صرف وڏيرن ۽ ڀوتارن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پورو آهي، پوليس پنهنجي پوليس گردي بند نہ ڪئي تہ ڀرپور مزاحمت ڪنداسين، آخر ۾ ايس يو پي اڳواڻن چتاء ڏنو تہ اصغر شاهاڻي جي گهر تي چڙهائي ڪندڙ ايس ايچ او ذوالفقار اوڍاڻي کي فوري طور تي هٽائي قومي ڪارڪنن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر ايس يو پي احتجاجي تحريڪ هلائيندي.