ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ابيلوءِ ۾ ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين مست علي ڦلپوٽو ۽ عاشق علي ڦلپوٽو ۾ زمين مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو،امداد ڦلپوٽو، مست علي، محمد علي، محبت علي، ارشاد، احمد علي ۽ ميھر گهر تي مبينا حملو ڪري گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، متاثر ڳوٺاڻي عاشق ڦلپوٽو عورتن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته برادري جي بااثر ماڻهن گھر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تشدد ڪرڻ بعد گهر باھ ڏئي ڇڏي، ڪنڌرا پوليس اهلڪار مست علي جي ونگار وھندي اسان جو ڪيس داخل نٿي ، با اثر ڌر تي ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.