سنڌڙي (ن پ ا) ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعيد جاگيراڻي ۾ ھارين جي گھرن تي مبينا طور حملو، عورتن، ٻارڙن تي تشدد، ٻنھي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل، زخمين ۾ ھڪ ڌر جا نارو، وريو، ڏيو، ٿائور، راجو، ٻٻري، مھڻي، ڪيسري جڏھن ته ٻي ڌر جو مختيار جمالي ۽ شاھ محمد پھوڙ زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ زخمي هاري نارو ڪولھي “پنھنجي اخبار” کي ٻڌايو ته اسان زميندار سعيد جاگيراڻي وٽ 6 سالن کان ھارپو ڪيون پيا زميندار جي ڪمدار مختيار جمالي، بورچي شاهه محمد پھوڙ، منشي مولوي مرتضيٰ نوھڙي اسان جي گھرن ۾ زبردستي داخل ٿي اسان جي عورتن سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، حامله عورت تي تشدد ڪيو جنھن سبب اسان جا عورتن ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، ٻي ڌر جي مختيار جمالي ۽ شاھ محمد پھوڙ “پنھنجي اخبار” کي ٻڌايو ته زميندار جي مڇي جو تلاءُ لڳل آھي ان مان اسان ھنن کي مڇي مارڻ کان منع ڪئي تنھن باوجود به ھنن مڇي ماري جنھن تي روڪڻ تان ھنن نشي ۾ ڌت ٿي زميندار جي اوطاق تي حملو ڪري مونکي ۽ بورچي شاهه محمد پھوڙ کي زخمي ڪيو، باقي اسان ڪنھن جي به گھر ۾ ناھيون گھڙيا، ھوڏانھن ايس ايچ او ڦلھڏيون ٻنھي ڌرين جي زخمين کي علاج جو ليٽر ڏئي ڇڏيو.