مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان عورت جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، پوليس قتل جي الزام هيٺ مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ پوليس ذريعن موجب مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ لال همون درگاهه وٽ گهر اندر 22 ورهين جي شريمتي سونيا زال چندر ڪولهي جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، جنهن جو اطلاع مقامي ماڻهن پوليس ڏنو، جنهن پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مٽياري اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان دوران سونيا ڪولهي جي پيءُ ڌرمو ڪولهي پنهجي ناٺي مٿان الزام هڻندي چيو آهي ته منهجي ڌيءَ کي سندس مڙس چندر قتل ڪري لاش ٽنگي خودڪشي ڪرڻ جو ڊرامو ڪيو آهي. ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي چندر ۽ سندس مائٽن جو چوڻ آهي ته سونيا خودڪشي ڪئي آهي. کيس قتل نه ڪيو ويو آهي. سهري جي الزام بعد مٽياري پوليس چندر کي حراست ۾ وٺي مٽياري ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن بعد بااثرن پاران راڄوڻي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ۽ چندر کي آزاد ڪرڻ لاءِ پوليس مٿان زور وڌو پئي ويو. آخري وقت تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي آهي سونيا جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي جنهن بعد ئي خبر پئجي سگهندي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي يا هن خودڪشي ڪئي. اسان وڌيڪ جاچ پڻ ڪري رهيا آهيون.