ڀارت ۾ پنهنجو موبائل ڳولڻ لاءِ ملازم ڊيم خالي ڪري ڇڏيو

0
346
ڀارت ۾ پنهنجو موبائل ڳولڻ لاءِ ملازم ڊيم خالي ڪري ڇڏيو
ڀارت ۾ پنهنجو موبائل ڳولڻ لاءِ ملازم ڊيم خالي ڪري ڇڏيو

ڇتيس ڳڙهه (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ سرڪاري ملازم جو فون ڊيم ۾ ڪري پيو، جنهن کي ٽوٻو به نه ڪڍي سگهيو ته 3 ڏينهن تائين لاڳيتو موٽر هلائي 21 لک ليٽر پاڻي ٻاهر وهائي ڇڏيو، جنهن سان 1500 ايڪڙ زرعي زمين کي آباد ڪري پيو سگهجي

ڀارتي ميڊيا موجب ڇتيس ڳڙهه ۾ ڊيم جي ويجهو سيلفي ڪڍڻ وقت سرڪاري ملازم راجيش وشواس جو قيمتي موبائل فون اونهي پاڻي ۾ ڪري پيو، هڪ لک رپين جي ماليت جي موبائل فون کي ڳولڻ لاءِ ٽوٻو به گهرايو ويو، ٽوٻي جي ناڪامي تي سرڪاري ملازم انوکي اٽڪل کان ڪم ورتو ۽ 30 هائوس پاور جو موٽر لڳائي ٽن ڏينهن تائين مسلسل هلائيندو رهيو

ايتري قدر پاڻيءَ جو ذخيرو هڪ فوٽ کان به گهٽ رهجي ويو، سرڪاري ملازم 21 لک ليٽر پاڻي ضايع ڪري پنهنجو موبائل فون حاصل ڪري ورتو ۽ ان جي صفائي اها پيش ڪئي ته موبائل فون ۾ اهم سرڪاري رڪارڊ به هيو ۽ مون ڊيم خالي ڪرڻ لاءِ پنهنجي سينئر کان زباني اجازت به ورتي هئي، جڏهن ته کاتي سرڪاري ملازم جو عذر قبول نه ڪندي معطل ڪري ڇڏيو آهي