مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙِيل جڊيشل ڪميشن ڪارروائي روڪي ڇڏي

0
254

اسلام آباد: مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙِيل جڊيشل ڪميشن ڪارروائي روڪي ڇڏي، جڊيشل ڪميشن جي سربراهه قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جو اجلاس ٿيو، اٽارني جنرل منصو عثمان ڪيشن آڏو پيش ٿيو، سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو پڙهٿي ٻڌايو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي قائدن موجب ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو آهي، ڪميشن کي حڪم نامي جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ انڪوائري ڪمرشن لاءِ ڪو حڪم نامو جاري ڪيو آهي؟ ٿورو گهڻو آئين مان به ڄاڻآن ٿو، ڪميشن معاملي ۾ ڌرهو، ان کي نوٽيس ڇو نه ڪيو ويو؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته اوهان ڪالهه عدالتي ڪمري ۾ ڇو موجود هئا؟ اوهان کي نوٽيس ڪيو ويو هو يا ايئن ئي ويٺا هئا؟

اٽارني جنرل ٻڌايو ته مون کي زباني ٻڌايو ويو ته اوهان عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي بعد نوٽيس جاري ڪيو ويو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ جج خلاف الزام تي  سڌو ريفرنس  وڃي ته  هو  سڄي زندگي  لوڙيندو رهندو، شعيب شاهين هڪ وڪيل  آهي،  هر وقت ٽي وي تي تقرير ڪندو رهي ٿو، اسان کي قانون سيکارڻ جي ڪا به ضرورت ناهي شعيب شاهين ميڊيا تي تقريرون  ڪيون پر عدالت ۾ اچڻ جي زحمت نه ڪئي

 قاضي فائز عيسيٰ چيو ته  پرائيويسي هميشه گهر  جي  ٿيندي آهي، ڪنهن جي گهر ۾  جهاتي پائي نه ٿي سگهجي ٻاهر روڊ  تي جيڪي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳل آهن، ڇا اهي به  پرائيويسي جي خلاف آهن؟، قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته اسان ڪميشن جي وڌيڪ ڪارروائي  نه ٿا ڪري سگهون،  ڪارروائي جو حڪم نامو اڄ ئي جاري ڪنداسين

هي به پڙهندا

حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس