ڀارت ڪورونا جي لپيٽ ۾، هڪ ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 3 لک ڪيسز رپورٽ

0
669
ملڪ ۾ 9 مهينن کانپوءِ

نئين دهلي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا روزاني رڪارڊ ڪيسز رپورٽ ٿي رهيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 لک جي لڳ ڀڳ نوان ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارتي ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسز سامهون اچڻ جو نئون رڪارڊ ٺهيو آهي، جنهن ۾ 2 لک 95 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جيڪو وبا جي آغاز کان هن وقت تائين هڪ ڏينهن ۾ سامهون ايندڙ سڀ کان وڌيڪ ڪيسز آهن، جڏهن ته 24 ڪلاڪن جي دوران 2 هزار 23 ماڻهو فوت به ٿي چڪا آهن، ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب هن وقت ڀارت ۾ ڪل ڪيسز جو تعداد هڪ ڪرو 56 لک تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي هڪ لک 82 هزار 5 سئو ماڻهو وائرس وگهي اجل جو شڪار ٿي ويا، اهڙي طرح ڀارت آمريڪا کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ڪورونا کان متاثر ٿيندڙ ٻيو وڏو ملڪ آهي.