ڪراچي (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود ريشي چيو آهي ته ڀارت سان جنگ خودڪشي هوندي، سازگار ماحول لاءِ ڀارت کي آرٽيڪل 35 اي تي خدشا ختم ڪرڻا پوندا. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مودي سرڪار جي ڪشمير تي کنيل قدمن تي سخت ردعمل آيو آهي، انهن قدمن کان ڀارت کي فائدو گهٽ نقصان وڌيڪ ٿيو آهي. هن چيو ته ميز تي ويهڻ کانسواءِ ڪو حل نه آهي، ٻن ايٽمي طاقتن جا مسئلا حل ٿيڻا آهن، اهو حل ڪهڙو هوندو؟ جنگ ته ڪو آپشن ناهي جنگ خودڪشي هوندي، ته پوءِ ڳالهين جو آپشن ئي بچي ٿو، ڳالهين ۾ هي معاملا حل ڪري سگهجن ٿا، اسان جي ۽ هنن جي موقف کي ٻڌي ڪو حل ڪڍڻ جي گنجائش آهي. ڀارت نبيرڻ نه ٿو چاهي ته اسان کي به ڪا تڪڙ ناهي.