ٿلهو ڇو آهين ؟ سپريم ڪورٽ جو ايس پي رخسار کهاوڙ تي ناراضپو

0
828
وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بنچ ٽنڊي الهيار ۾ 5 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد عبدالمجيد جي هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ يوسف لغاري عدالت کي استدعا ڪئي ته ضمانت جي رقم 50 هزار رپيا ڪئي وڃي، هڪ لک تمام وڏي رقم آهي جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته رقم 50 هزار نه ٿيندي، اسان جي سامهون وڪيلن مان يوسف لغاري جهڙي وڏي شخصيت موجود آهي، ان موقعي تي ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار عبدالمجيد تي جوابدارن کي پناهه ڏيڻ جو الزام آهي،ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  ايس پي ٽنڊو الهيار رخسار کهاوڙ جي ٿولهه تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو ته  انهي  ٿولهه سان اوهان کي وردي ۾ نه هئڻ گهرجي

اوهان فورس ۾ آهيو، اوهان کي فزيڪلي ( جسماني) فٽ هئڻ گهرجي، جنهن تي ايس ايس پي رخسار کهاوڙ چيو ته سائين! مون کي مٺو کائڻ وڌيڪ پسند آهي، جنهن سبب وزن وڌي ويو آهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اوهان پاڻ پنهنجي ٿولهه جو علاج ٻڌائي ڇڏيو !!. ان موقعي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پوليس اهلڪارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جاچ آفيسر جي پيش ٿيڻ جي ضرورت هئي، اوهان سڀ ڇو آيا آهيو؟ جنهن تي پوليس اهلڪارن جواب ڏنو ته اسان کي نوٽيس جاري ٿيا هئا، جنهن سبب پيش ٿيا آهيون.