فحش فلمن وارو ڪيس مونکي بدنام ڪرڻ لاءِ هو:راج ڪندرا

0
280
شلپا شيٽي ۽ راج ڪندرا

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي بزنس مين ۽ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا چيو آهي ته فحش فلمن جي ڪيس ۾ مونکي بدنام ڪرڻ جي مهم کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو پر مان شرم کان منهن نه لڪائيندس

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب راج ڪندرا ضمانت تي آزادي کانپوءِ پهريون ڀيرو معاملي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ فحش فلمن جي ٺهڻ ۽ انهن جي وڪري ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته مونکي ميڊيا ٽرائل ذريعي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.راج ڪندرا وضاحتي بيان لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو سهارو ورتو ۽ چيو ته اهو سڄو واقعو مونکي بدنام ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه نه هو، مونکي ميڊيا اڳ ۾ ڏوهاري چئي چڪو آهي.هن چيو ته هاڻي ميڊيا ٽرائل ذريعي منهنجي ذاتي زندگي ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.