ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ٿر ڪول جي بلاڪ ون جي انتظاميا عدم تحفظ جو شڪار، چورن رڻ ٻاري ڏنو، مين گيٽ  سامهون سرڪاري زمين تي ٿيل اڏاوت سيڪيورٽي ٿريٽ قرار، بلاڪ ونجي چيئرمين سنڌ حڪومت کي خط لکي 2 ڪلو ميٽرن تائين اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ چيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ اسلام ڪوٽ ويجهو ٿرڪول جي بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ  چيني ڪمپني جي چيئرمين مينگ ڊونگ هئي توانائي واري کاتي کي خط لکي ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ بجلي جي پيداوار واري منصوبي کي درپيش ڪيترن ئي خطرن بابت آگاهي ڏئي ڇڏي آهي، خط ۾چيو ويو آهي ته رٿا جي سموري علائقي کي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ باوجود چورين جون وارداتون وڌي ويون آهن. علائقي جا ڪجهه نوجوان رٿا جي حساس ايريا ۾ اچي وڃن ٿا، اهي  بجلي جون تارون چوري ڪري نقصان پهچائين ٿا. اهڙين وارداتن بعد ڀرپاسي جي ڳوٺن جي ڪجهه نوجوانن کي پڪڙي چورايل شيون  هٿ پڻ ڪيون ويون هيون، خط موجب انتظاميا ۽ مقامي چڱن مڙسن کي شامل ڪرڻ باوجود  چوري ۽ مداخلت جون وارداتون بند يا ختم نه ٿيون آهن. خط موجب 30  جنوري 2023ع تي ڳوٺ ويروائي (دل پاڙو) جي رهواسين10 ڪي وي لائين مان بجلي جي تار چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان پاڻي ڇڪڻ وارو اوزار خراب ٿي ويو، جڏهن ته   ڪوئلي جون کاڻيون کوٽڻ جو ڪم بند ٿي ويو،  پاور پلانٽ کي وقت تي هلائڻ ۾ رنڊڪ آئي، 6 فيبروري 2023ع تي وري ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جا ڪجهه نوجوان 50 ميٽر بائونڊري تار ڪٽي کڻي ويا، جيڪي ساڳئي ڏينهن گرفتارپڻ  ٿيا، خط موجب اهڙن واقعن سيڪورٽي جا سنجيده مسئلا اڀاريا آهن، بجلي جون تارون ڪاٽڻ سان سڄو منصوبو بند ٿي سگهي ٿو، جنهن جا قومي سطح تي تمام گهڻا خراب اثر پوندا،  ملڪ کي مالي نقصان ٿيندو جڏهن ته چورن کي به جاني نقصان ٿيندو. خط موجب 2020ع ۾ مقامي ماڻهن جي درخواست تي جانورن جي سهولت لاءِ ڪنڊيدار تارن ۾ 4 خال ( وڇوٽيون) ڇڏيا ويا هئا، اسان  انهن مان رڳو هڪ وٿي کي بند ڪيو آهي، باقي 3 وٿيون اڃا بند ناهن ٿيون، اهي وٿيون بند ڪرائڻ جي ٿر واسين مزاحمت ڪئي، خط موجب اهي وٿيون سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهن،  فوج اهي ( وٿيون) گيپ بند ڪيا، جن کي ٿر واسين ٻيهر کولي ڇڏيون، خط موجب   انهن وٿين مان جانور ۽ ٻار رٿا جي حدن ۾ اچن ٿا، انهي سان ڪوئلي جي روز ايندڙ 4 هزار ٽرڪن جي اچ وڃ ۾ رنڊڪون اچن ٿيون. خط ۾ چيو ويو آهي ته بلاڪ ون جي مک گيٽ سامهون سرڪاري زمين تي غيرقانوني اڏاوتون ڪيون ويون آهن، جنهن سان رٿا ۽ چينين لاءِ وڏا خطرا  پيدا ٿي ويا آهن،  مستقبل ۾ ڪو وڏو سيڪورٽي مسئلو ٿيڻ جو خطرو آهي. خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته  فيلڊ کي ڏنل تارن جون وٿيون فوري طور تي بند ڪيون وڃن ته جيئن چيني شهرين ۽ رٿا جي حفاظت ٿي سگهي. چورين ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري سندن خلاف سخت قدم کنيو وڃي، غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي نئين اڏاوت ڪرڻ نه ڏني وڃي. رٿا جي چوڌاري ٻه ڪلوميٽر ايريا کي پابندي پيل علائقو قرار ڏئي اوپرن ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني پنهنجن حفاظتي انتظامن کي لازمي طور بهتر بڻائيندي پر جيڪڏهن حڪومت پاران ضروري قدم نه کنيا ويا ته اسان لاءِ پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو.