اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردن کي چِٿڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي سختي سان عمل ڪرڻ تي اتفاق، فورسز جي آپريشن دوران معلومات نشر ٿيڻ جي حوالي سان ميڊيا ۽ خاص طور سوشل ميڊيا بابت طريقيڪار جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سياسي ۽ عسڪري قيادت قرار ڏنو آھي ته ملڪ داخلي عدم استحڪام جو متحمل نٿو ٿي سگهي،  قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اجتماعي جدوجهد وقت جي ضرورت آھي، انهن حدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي ۽ان جي راهه ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن،  ايپڪس ڪاميٽي امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ دهشتگردن خلاف سخت ايڪشن کڻڻ تي اتفاق ڪري ورتو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائيون جاري رکيون وينديون، صوبن ۾ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سگهارو بڻايو ويندو، سي ٽي ڊي کي وڌيڪ فعال ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آرمي چيف عاصم منير ، پرڏيهي مامرن جي  وفاقي ۽ مملڪتي وزير بلاول ڀٽو زرداري، حنا رباني کر ،قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تاررڙ، گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناء الله  سڌسماء جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ، صلاحڪار قمر زمان قائره ، سنڌ جي وڏي وزير مراد شاه سوڌو چئني صوبن ، گلگت جي وڏن وزيرن، آزاد ڪشمير جي وزير اعظم ، چئني صوبن جي آجيز پوليس ، حساس سول ۽ عسڪري ادارن جي سربراهن ،وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ گذريل اجلاسن جي فيصلن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، پشاور ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن جو جائزو ورتو ويو، پشاور پوليس لائنز مسجد، ڪراچي پوليس چيف آفيس ۾ دهشتگردي جي واقعن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ حساس ادارن سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال، دهشتگردن خلاف ڪارروائي تي بريفنگ ڏني، آءِ جي سنڌ ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملي ۽ هيل تائين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي فوج، رينجرز، ايف سي، سي ٽي ڊي، پوليس سمورن سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سلام پيش ڪيو ويو، اجلاس ۾ شهيدن آفيسرن، جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ايپڪس ڪاميٽي اجلاس ۾ پوليس، سي ٽي ڊي جي سمورن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ رنڊڪون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سيڪيورٽي بابت سمورن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ رنڊڪن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪراچي پوليس ۽ سيڪيورٽي لاءِ ماضي ۾ منظور فنڊن جي عدم دستيابي جي معاملي تي به غور ڪيو ويو. ايپڪس ڪاميٽي جي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ بنيادي آئيني فرض آهي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ بهترين صلاحيت سان انجام ڏيڻو پوندو، وفاق صوبن کي امن امان جي ذميوارين کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور مدد ڪندو. دهشتگردي جي واقعن، سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا جي ڪردار تي غور ڪيو ويو، ايپڪس ڪاميٽي اجلاس ۾ چيو ويو ته فورسز جي آپريشن دوران معلومات به ميڊيا تي نشر ٿي ويندي آهي، نشر ٿيندڙ معلومات سان دهشتگرد فائدو کڻي سگهن ٿا، نشر ٿيندڙ معلومات سان سڪيورٽي آپريشن تي اثر به پئجي سگهن ٿا، نشر معلومات سان آپريشن ڪندڙ آفيسرن، جوانن جي زندگين کي خطرو ٿي سگهي ٿو. ايپڪس ڪاميٽي هدايت ڪئي ته ميڊيا هائوسز، لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي مشاورت سان مناسب طريقيڪار ٺاهيو وڃي، اجلاس ۾ ٻين ملڪن ۾ رائج سائبر اسپيس کان رهنمائي وٺڻ جي تجويز ڏني وئي، ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي بابت ايس او پيز مان رهنمائي وٺڻ جي تجويز ڏني وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته مشاورت ٿئي جيئن هنگامي صورتحال ۾ افواهن، گمراهه ڪندڙ اطلاعن جو تدارڪ ٿئي، اجلاس ۾ هنگامي صورتحال ۾ ميڊيا تائين حقيقتون پهچائڻ لاءِ فوڪل پرسن کي ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان 8 کان 10 ڏينهن ۾ معاملا طئي ٿي ويندا، ان ڪري عالمي مالياتي اداري جا سخت شرط مڃڻ لاءِ تيار ٿي وياسين، هڪ دوست مُلڪ انتظار ۾ آهي، اسان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ بعد اُهو ترت مدد ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيوته ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ٿيو، ڪراچي پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن دليري سان مقابلو ڪيو. اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اتحادي حڪومت ملڪ بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست داءُ تي لڳائي آهي، پاڪستان جي سياسي قيادت، دفاعي آفيسر سپهه سالار جي سربراهي ۾ آهن. شهباز شريف چيو ته بدقسمتي سان اڄ به هڪ طبقو اهو آهي جيڪو روڊن تي معاملن جو حل چاهي ٿو انهن کي به دعوت ڏني جيڪي سڌي طرح سان مسئلن کي حل ٿيندي نٿا ڏسڻ چاهين، دعوت ملڻ باوجود اجلاس ۾ اچڻ مناسب نه سمجهيو، اهي اڄ به ڪوشش ڪن پيا ته روڊن تي ويهي معاملا طئي ڪن،  معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام اڻٽر آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي گهر جون حالتون درست نه ڪنداسين ته ڪو ٻيو مدد ڪرڻ نه ايندو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، انشاءَ الله جلد مشڪلاتن مان نڪري وينداسين، اسان کي پنهنجي پسند ۽ ناپسند کي پاسي تي رکي پاڪستان کي معاشي ٽائيگر بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول واقعي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان تيار ڪيو ويو، نيڪٽا پاڻ هڪ سرڪاري ادارو بڻجي چڪو آهي، نواز شريف جي دور ۾ نيشنل ايڪشن ڪاميٽي پلان تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي متحد ڪيو ويو، گذريل اجلاس ۾ اسان ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت فيصلا ڪيا، ڪراچي ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، سيڪيورٽي فورسز بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو.