ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) سنڌ ۾ ايس ايس پيز جون بدليون، آءِ  جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٿر پارڪر  ۽ دادو جي ايس ايس پيز سردار خان نيازي ۽ عرفان سمون جي ٽريننگ تي وڃڻ بعد عابد علي بلوچ کي ايس ايس پي ٿرپاڪر ۽ عبدالخالق کي ايس ايس پي دادو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيپٽن (ر) فيضان علي کي ايس ايس پي شڪارپور مقرر ڪري اتان شيراز نذير کي هٽائي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، طارق نواز کي ايس ايس پي( سي ٽي ڊي)، فيصل بشير ميمڻ کي ايس ايس پي اولهه ۽ ساجد امير سدوزوئي کي ايس ايس پي ڪورنگي مقرر ڪيو ويو،