فيصل آباد (م ڊ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم ونگ نواز ليگ نائب صدر مريم نواز کي قتل جي ڌمڪي ڏيندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم موجب جوابدار تڪ اين اي 108 جي چونڊ مهم دوران نواز ليگ نائب صدر مريم نواز کي قتل جي ڌمڪي ڏني هئي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڌمڪي جي وقت اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به موجود هو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ موجب هڪ هفتي کانپوءِ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ان کي ڪالهه ستارا ڪالوني مان گرفتار ڪيو ويو آهي.