پکين جي شڪار تي موجود پرڏيهي پاليسي

0
111

ٺٽي مان محبوب بروهي لکي ٿو

هر سال جيان هن ڀيري به سنڌ جي ڪوهستاني علائقن ۾ ايندڙ مھمان پرديسي ناياب پکي تلور جي شڪار لاءِ غير ملڪي عرب ملڪن جي شڪاري شھزادن پھچي شڪاري سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آھن. ٺٽي ۽ ڄامشوري جي ڪوهستاني علائقن کي پنھنجي جاگير سمجھي مقامي ماڻھن لاءِ نوگو ايريا بڻايو ويو آھي. ان سلسلي ۾ ورتل معلومات موجب هن سال به موسم تبديل ٿيڻ ڪري عرب ملڪن جي حڪمران گهراڻن سان تعلق رکندڙ شڪارين پاڪستان جي وفاقي سرڪار کان تلور پکين جي شڪار لاءِ پروانا حاصل ڪري ورتا آھن ۽ سندن لاءِ ڪوهستاني علائقن ۾ رَک ڪندڙ مقامي راکن عربن لاءِ تلور پکي جا شڪار گاھ ٺاھڻ لاءِ سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آھن، جنهن کي شڪاري راکا دهريا سڏين ٿا. مقامي بااثر وڏيرن جي نگراني هيٺ دهريا شڪاري ٽيمن ۾ شامل راکن مقامي ڪوهستان واسي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي. جيتوڻيڪ عرب ملڪن جي مختلف حڪمران گهراڻن سان تعلق رکندڙ شھزادن کي پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران ملڪ جي مختلف صوبن خاص ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي علائقن ۾ شڪار جا پروانا جاري ڪيا ويا آھن ۽ پرڏيهي وزارت صوبن جي وائيلڊ لائيف کاتي کي کانئن ڊالرن جي صورت ۾ پرمٽ وصول ڪرڻ جا اختيار به ڏيئي ڇڏيا آھن. پرڏيھي وزارت پاران جاري ڪيل حڪم تحت هر شڪاري عرب شھزادي کي پهرين نومبر کان 31 جنوري تائين شڪار جي سيزن مقرر ڪندي ان مدت دوران 10 ڏينھن شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آھي ۽ ھر عرب شھزادي کي هڪ سئو ناياب پکي تلور جي شڪار ڪرڻ جي اجازت هوندي.

ساڳي ريت شڪار جي مد ۾ شڪارين کان وصول ٿيندڙ پرمٽ فيس جو 50 سيڪڙو رقم مقامي علائقي جي ترقي، 35 سيڪڙو رقم تلور پکي جي شڪار گاهن کي محفوظ بنائڻ ۽ 15 سيڪڙو رقم انهن جي سيڪيورٽي لاءِ خرچ ڪرڻ جو پلان به وفاق پاران تحريري طور تي جاري ڪيل شڪار جي ضابطن ۾ ڄاڻايو ويو آھي پر بدقسمتي سان ان تي ذري جيترو به عمل نٿو ٿئي. ٽائيم نيوز پاران هٿ ڪيل دستاويزن ۽ معلومات موجب وفاق پاران هر سال جيان هن ڀيري به عرب ملڪن خاص ڪري دبئي ۽ بحرين جي شھزادن کي ٺٽي ڄامشوري ۽ ملير جي ڪوهستاني پٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۾ شڪار جا پروانا جاري ڪيا ويا آھن. جنهن تحت دبئي جي حڪمران گهراڻي جي عرب شھزادي ناصر لوطه کي ٺٽي جي جهمپير وارو سمورو ڪوهستاني علائقو شڪار لاءِ الاٽ ڪري ڏنو ويو آھي. جنھن گذريل هفتي کان جهمپير لڳ دبئي فارم پھچي جهمپير، ڄنگھڙي، براد آباد سميت مختلف علائقن ۾ پنهنجون شڪاري سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آھن. جڏھن ته بحرين جي محمد بن عيسيٰ کي وري ڄامشوري ضلعي جو ڪوهستاني علائقو شڪار لاءِ پرمٽ جي صورت ۾ ڏنو ويو آھي. جيڪو پڻ جهمپير لڳ پھچي پنهنجي رهائش اختيار ڪري ڄامشوري جي ٿاڻو بولا خان، سَري، مول وارن علائقن ۾ شڪار شروع ڪري ڇڏيو آھي. ساڳئي ريت ٺٽي جي جنگشاهي ۽ ملير جي ڌاٻيجي ديھه جي ڪوهستاني علائقن ۽ بدين جي ساحلي علائقي کي عرب شھزادي شيخ راشد بن خليفا المخدوم لاءِ مختص ڪيو ويو آھي. جنھن به پھچي جنگشاهي ۾ ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي ۽ سندس راکن پاران جنگشاهي، مالماڙي، ساڏورو، ڪروٺڙو، هڏيرو ڍنڍ سميت مختلف علائقن ۾ سرگرميون جاري آھن ۽ سندس راکن پاران مقامي ڪوهستان واسين جي چرپر محدود ڪري کين چوپايو مال چارڻ کان به روڪي سندن ڪوهستاني باراني زمينن ۾ بيٺل فصلن کي نقصان رسائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي، جنهن تي مقامي ماڻھن ۾ سخت ڳڻتي ڦھليل آھي.

عرب شھزادا جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين علائقن ۽ ساحلي پٽي ۾ به شڪاري ڪئمپون قائم ڪندا آھن پر سندن گهڻو زور ٺٽي ۽ ڄامشوري جي ڪوهستاني پٽي تي هوندو آھي. جيڪو شڪاري مند ۾ وڌيڪ وقت رهندا آھن. ماضي ۾ ته اُھي عرب شڪاري تَنبو قائم ڪري ڪئمپون لڳائيندا هئا پر هاڻي تر جي وڏيرن پاران کين جهمپير ۽ جنگشاهي لڳ گفٽ ۾ ڏنل زمينن ۾ وڏا وڏا محل ٺاهي رهائش اختيار ڪرڻ لڳا آھن، جيڪي سندن شڪاري سرگرمين جو مرڪز بڻيل آھن. عرب شھزادن جي ڪوهستان ۾ ٿڌن ملڪن کان اُڏري ايندڙ تلور پکي جي شڪار لاءِ سنڌ آمد جي تاريخ به نرالي رهي آھي. عرب شهزادا تلور پکي کي پاڻ ته نه کائيندا آھن پر بازن جي مدد سان بيدردي سان تلور پکي کي مارائي ان جي عڪس بندي پنهنجي جديد ڪئميرائن ۾ ڪرڻ کانپوءِ اهي وري پنهنجي ڪئمپن ۾ ٻڪر ۽ دُنبي جو گوشت کائڻ وڌيڪ پسند ڪندا آھن. جيتوڻيڪ گذريل سال پهرين نومبر تي عرب شھزادن جي شڪاري گاڏي روڪڻ تان ڌاٻيجي لڳ سالار ڳوٺ جي رهواسي نوجوان شھيد ناظم جوکيو کي پنهنجي زندگي تان هٿ کڻڻو پيو. پر 80 جي ڏھاڪي ۾ به ٺٽي لڳ هڏيرو ڍنڍ وٽ عربن جي شڪاري ڪئمپ ۾ مائي ڦاپي ۽ آمي سان جنسي زيادتي جو هاءِ پروفائيل واقعو پيش آيو هو، جن مان هڪ عورت وحشت پڻي جو شڪار بڻجي فوت به ٿي وئي هئي.

جتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ شامل سياسي ڀوتار عرب شھزادن جي مهمان نوازي ۾ اڳڀرا هوندا آھن اتي وري مقامي سطح تي يعني ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ خانداني سياست ڪندڙ ڀوتار به عرب شھزادن جي خاطر توازع لاءِ سڀ کان اڳڀرا هوندا آھن. عرب شھزادا مقامي وڏيرن، ڀوتارن کي اهڙي نيڪ نامي جي بدولت خصوصي گفٽ گاڏيون، گھڙيون، عرب ملڪن جون خصوصي ٽڪيٽون توڙي کين ٻيون مراعتون به ڏيندا آھن. عربن جي سنڌ جي ڪوهستان جي پرسڪون علائقن ۾ تلور پکي جي شڪار لاءِ ھر سال آمد تي ڪيترائي سوال اٿندا رهيا آھن، ڇاڪاڻ ته سائبيريا کان ايندڙ تلور پکي کي پوري دنيا ۾ ناياب قرار ڏئي عالمي اداري ورلڊ وائيلڊ لائيف اداري پاران ان جي شڪار تي پابندي عائد ڪيل آھي پر پاڪستان واحد ملڪ آھي جيڪو پرديسي مهمان پکين جي تحفظ واري عالمي قانون جا بخيا اڊيڙي نسل ڪشي جا پروانا جاري ڪري پنهنجا سفارتي تعلقات بهتر بنائڻ جو راڳ آلاپيندو آھي. اھڙي سموري منظرنامي ۾ هزارين ميل سفر ڪري سنڌ واري جابلو علائقن کي پنهنجي لاءِ محفوظ سمجهي پناھ لاءِ ايندڙ ناياب تلور پکي جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي سبب ان جي آمد به خطرناڪ حد تائين گھٽجي وئي آھي. جنهن تي ملڪي توڙي عالمي سطح تي وائيلڊ لائيف تي ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ ڪارڪنن کي سخت ڳڻتي آھي. اھڙي صورتحال ۾ پاڪستاني سرڪار کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي بحالي جو متبادل رستو اختيار ڪري جهنگلي جيوت جي عالمي قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ بيدردي سان تلور پکي جي نسل ڪشي جا پروانا جاري ڪرڻ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.