ٽي-20 ورلڊ ڪپ لاءِ ڪير فيوريٽ آهي؟

0
104
ٽي-20 ورلڊ ڪپ لاءِ ڪير فيوريٽ آهي؟

ڪرڪيٽ اهڙي راند آهي جنهن ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. آسٽريليا ۾ هلندڙ ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي شروعات به حيران ڪندڙ ڪجهه اهڙي اپ سيٽ مقابلن سان ٿي آهي جنهن ۾ نه صرف پهرئين ئي رائونڊ ۾ ڪيويز هٿان 89 رنسن جي وڏي مارجن تان مليل شڪست ۽ گهٽ ايوريج سبب ٽورنامينٽ جي سڀ کان وڌيڪ فيوريٽ سمجهي ويندڙ ميزبان ٽيم آسٽريليا سيمي فائنل تائين نه پهچي سگهي آهي. پر اسپيڊ بالرن جي هجڻ سبب مضبوط سمجهي ويندڙ پاڪستاني ٽيم زمبابوي جهڙي ڪمزور ٽيم کان سخت مقابلي بعد نه رڳو بري طرح هارائي وئي، پر لڳ ڀڳ سندن سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان به ختم ويا هئا ۽ ٽورنامينٽ جي پهرئين مرحلي ۾ ٻاهر سمجهي ويندڙ پاڪستان ٽيم سائوٿ آفريڪا کي نهايت ڪمزور ٽيم نيڌرلينڊ هٿان مليل ٽورنامينٽ جي سڀ کان وڏي اپ سيٽ شڪست سبب سيمي فائنل تائين رسائي ٿي چڪي آهي جيڪو ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. ٽيسٽ ۽ ون ڊي جي ڀيٽ ۾ اهڙن سنسني خيز مقابلن ٽي-20 ڪرڪيٽ کي نه صرف دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي پر اپ سيٽ مقابلا ٽي-20 ڪرڪيٽ جي سڃاڻپ بڻجي ويا آهن. اهڙي ئي هڪ مقابلي ۾ ٽي-20 جي خطرناڪ سمجهي ويندڙ ۽ ٻه ڀيرا چيئمپيئن رهندڙ ويسٽ انڊيز ٽيم پاڻ کان ڪمزور ٽيم آئرلينڊ کان هارائي هن ورلڊ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي.

مجموعي طور تي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ 12 ٽيمن مان آسٽريليا، سائوٿ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، افغانستان، زمبابوي، بنگلاديش ۽ سريلنڪا سميت 8 ٽيمون سيمي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويون آهن ۽ هن وقت ٽورنامينٽ جي فيصلائتي مرحلي سيمي فائنل لاءِ چئن ٽيمن ڪواليفاءِ ڪيو آهي جنهن ۾ انڊيا جو مقابلو انگلينڊ سان سڀاڻي 10 نومبر تي آسٽريليا جي ايڊيليڊ گرائونڊ تي ٿيندو. جڏهن ته پاڪستان ٽيم جو مقابلو نيوزيلينڊ سان اڄ سڊني جي ان گرائونڊ تي ٿي رهيو آهي جنهن جي بائونڊري لائين ٻين گرائونڊن کان ڪجهه سوائي آهي. يعني ٻنهي ٽيمن مان جيڪو به ڊفينسنگ بجاءِ اٽيڪنگ پوزيشن ۾ کيڏندو سو فائدي ۾ ويندو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي هن وقت پاڪستان جهڙو بالنگ اٽيڪ ڪنهن جو به ناهي. سون تي سهاڳو اهو به آهي ته شاهين شاهه آفريدي پنهنجي پراڻي رڌم ۾ واپسي ڪئي آهي، جنهن جو تازو مثال بنگلاديش توڙي سائوٿ آفريڪا خلاف سندس بالنگ اسپيل هو. ان کان پهرين پاڪ-ڀارت ميچ ۾ شاهين پنهنجي ان جوهر ۾ نظر نه پئي آيو، فاسٽ بالنگ ۾ ڪيويز ٽيم به پنهنجو مٽ پاڻ آهن جنهن ۾ ٽرينٽ بولٽ، ٽم سائوٿي ۽ لوڪي فرگوسن جهڙا خطرناڪ بالر موجود آهن. جيڪي پاڪستاني بيٽنگ لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهن ٿا. پر وڏي بائونڊري لائين سبب مشهور سڊني جي گرائونڊ تي ٿيندڙ پهرئين سيمي فائنل جي اڄوڪي مقابلي ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ واضح فرق دائري جي شروعاتي 6 اوورن ۾ پاور هٽنگ هوندي. جيڪا ٽيم دائرو سٺو کيڏندي اها يقينن وڏو هدف ڏيڻ توڙي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي. موجوده صورتحال ۾ پاڪستاني اوپنرز بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي مقابلي ۾ ڊيوڊ ڪانوي ۽ فن الين جي نيوزيلينڊ اوپننگ جوڙي وڌيڪ اٽيڪنگ انداز ۾ کيڏي ٿي بهرحال ٻئي ٽيمون خطرناڪ آهن ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

هتي جيڪڏهن پاڻ انڊيا ۽ انگليڊ وچ ۾ ٿيندڙ سڀاڻي واري سيمي جي ڳالهه ڪيون ته ٻئي ٽيمون هڪٻئي جي ٽڪر جون آهن. جتي انگليڊ وٽ ڪپتان جوز بٽلر، اليڪس هيلز، ڊيوڊ ملان، بين اسٽوڪس، معين علي، لونگسٽن ۽ هيري بروڪس جي صورت ۾ سڀ کان خطرناڪ بيٽنگ لائين آهي، پر انگلينڊ جو وڏو مسئلو اهو آهي ته سٺو اوپننگ آغاز ملڻ باوجود هن ورلڊ ڪپ ۾ سندن مڊل آرڊر آئوٽ فارم هجڻ ڪري اهو مزو نه پيو ڪري. انڊيا جي صورتحال وري انگلينڊ جي بلڪل ابتڙ آهي، يعني سندن خطرناڪ اوپنر هٽنگ سبب مشهور انڊين ڪيپٽن روهت شرما بلڪل آئوٽ آف فارم آهي. انگلينڊ جو مڊل آرڊر پرفام نه پيو ڪري ته ٽاپ آرڊر جي ڀيٽ ۾ انڊيا جو مڊل آرڊر پوري ٽورنامينٽ ۾ اڳتي رهيو آهي. انڊين اوپنر ڪپتان روهت جي خراب پرفامنس جو پريشر ڪي ايل راهول ۽ ڪوهلي تي پئجي سگهي ٿو. توڙي جو راهول گذيل ٻن ميچن ۾ ٻه ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي پر اٽيڪنگ انداز سبب هٽ مين طور سڃاڻپ رکندڙ ڪپتان روهت جي ڊفينسنگ پوزيشن سبب انڊين ٽيم شروعاتي ٻن يا ٽن اورن ۾ اسڪور نٿي ڪري. اتي ويرات ڪوهلي ۽ سوريا ڪمار يادو ۽ هرڊڪ پانڊيا انگليڊ ٽيم لاءِ مسئلو ڪري سگهن ٿا. مسلسل بهترين بالنگ ڪندڙ ارشديپ سنگهه ۽ ڀونيشور ڪمار به سوئنگ بالنگ سبب ٽيم لاءِ فائيديمند ثابت سگهن ٿا. تيز رفتار بالنگ ڪندڙ مارڪ ووڊ ۽ سيم ڪرن جي صورت انگلينڊ ٽيم وٽ سٺو بالنگ اٽيڪ ۽ عادل راشد جهڙو جادوگر اسپنر آهي. جيڪي ڀارتي بيٽنگ لائين کي ڀورا ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هنن ٻنهي ٽيمن مان فائنل ۾ ڪير کٽيندي ان لاءِ تڪڙي اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي، پر اهو طئي آهي ته هن مقابلي لاءِ جيڪا به ٽيم پهريان بيٽنگ ڪري ان کي 160 يا 150 بجاءِ 180 يا 190 جو هدف ذهن ۾َ رکڻو پوندو. بهرحال مختصر ڪرڪيٽ جو هي اٺون عالمي ميلو انهن چئن ٽيمن مان ڪير به کٽي، پر هن ڀيري ڪرڪيٽ سان جنون جي حد تائين لڳاءُ رکندڙ شوقينن کي جتي سنسني خيز مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا اتي هن ٽي-20 ورلڊ ڪپ جا ٿيندڙ وڏا اپ سيٽ به سدائين ياد رهندا. ڏسڻو اهو ته  ڪهڙي ٽيم ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽي سگهي ٿي اها ڪرڪيٽ ماهرن پاران فيوريٽ قرار ڏنل انگلينڊ، انڊيا ۽ نيوزيلينڊ به ٿي سگهي ٿي ته پر وڏيون هڏيون ڏئي پهتل پاڪستاني ٽيم به ٿي سگهي ٿي.