نوشهروفيروز (رپورٽر) خوراڪ کاتي جي پڊعيدن گدام ۾ رکيل ڪڻڪ جون 28 ھزار ٻوريون خراب ۽ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار ٿي وڃڻ خلاف پڊعيدن فوڊ گدام انچارج فوڊ انسپيڪٽر الھبچايو مري سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي. جنھن تي عدالت داخل ڪرايل پٽيشن تي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر خوراڪ کي 27 مئي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پٽيشن ۾ فوڊ انسپيڪٽر الھبچايو مري موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪڻڪ نيڪال نه ٿيڻ ڪري 13 ڪروڙ ماليت جي 28 ھزار ٻوريون خراب ٿيون. اھا ڪڻڪ 2013 ۽ 14ع ۾ خريد ڪئي وئي پر خوراڪ کاتي جي آفيسرن ڪڻڪ نيڪال ڪرڻ ۾ لاپرواهي جو مظاھرو ڪيو جنھن ڪري ڪڻڪ گھڻو کليل آسمان ھيٺ پيل ھجڻ ڪري خراب ٿيڻ سان گڏ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار بڻجي وئي ۽ سرڪار کي تمام گھڻو مالي نقصان پھتو آھي. جنھن ڪري ڪڻڪ نيڪال نه ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. فوڊ انسپيڪٽر جي اھڙي پٽيشن عدالت ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي آفيسرن کي طلب ڪيو آهي.