ڪراچي (نمائندن وٽان) پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا . ان ڏس ۾ جيڪب آباد ۾ پ ٽ الف آفيس کان انتظار ڇلگري، ظھور وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. غوثپور ۾ ممتاز چاچڙ، صدرالدين مرهيٽو، مير حسن ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قمبر ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي استادن سڪندر علي ورک، نظير ڀٽي، احمد علي واهوچو ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميرپورخاص ۾ پ ٽ الف پاران وڏي تعداد ۾ استادن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي اسٽيٽ لائف چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.خيرپور ۾ پ ٽ الف ضلعي صدر مختيار احمد سولنگي، خير محمد سومرو، امتياز احمد سولنگي، فياض حسين شاهه، امير حسين سهتو ۽ غلام سرور ڪانهر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويونوشهروفيروز ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي صدرغلام رسول مهر جي سڏ تي ضلع نوشهروفيروز جي پنجن تعلقن مان پ ٽ الف جي عهديدارن ۽ استادن ڊويزن شهيد بينظير آباد جي جنرل سيڪريٽري معشوق وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميروخان ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي پرائمري استادن طريق ابڙو، صفدر کوکر، حبيب الله تونيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سيوھڻ ۾ اڳوڻي پ ٽ الف صدر عبدالعزيز راھپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڀان سيدآباد ۾ سرفراز علي ميمڻ، عبدالرحمان ٽالپر، محمد قاسم سومرو ۽ ٻين پاران پرس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. دادو ۾ امتياز علي لنڊ، عنايت علي جمالي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علي احمد مڱڻ، امجد سمون، غلام مصطفيٰ ساريو، نثار قريشي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مٺي ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي اشرف نهڙيو، محمود نهڙيو، پيارو ڍاٽي، جمال بجير ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.ٺٽي ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي غلام محمد ٻارچ، غلام مصطفيٰ بروهي، محمد شريف تنيو، غلام حيدر بلوچ، ڪيٽي بندر جي غلام رسول لاکو، محمد عثمان سومرو، محمد علي شر، دلمراد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو سخت نعري بازي ڪئي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سال 2001ع، 2008ع، 2012ع ۽ 2014ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن جي تعليم کاتي پاران انڪريمينٽ جي جبري ڪٽوتي ڪئي وئي آهي جيڪا فوري طور تي بند ڪئي وڃي. هنن چيو ته اقرا ۽ سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس ۽ آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ڪيل استادن کي هڪدم پڪو ڪري کين ڀرتيءَ واري تاريخ کان ريگيولر ڪيو وڃي. هنن چيو ته هڪ پاسي هٿ وٺي سنڌ جي پرائمري استادن کي مسئلن ۾ ڦاسائي تعليم کي تباھ ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي وري مسلسل اسڪولن توڙي تعليمي ادارن جي تالابندي سبب سنڌ جي تعليم تباھ ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته استادن کي گُهربل اڪيڊمڪ انڪريمينٽ سميت پروموشن، سيليڪشن گريڊ ۽ اين ٽي ايس پاس استادن کي مستقل نه ڪري استادن کي پريشان ڪيو پيو وڃي جڏهن ته هنن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته فوري طور تي اسڪولن ۾ تدريسي عمل بحال ڪري استادن جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جي دائري کي وڌائيندي سخت احتجاج ڪيو ويندو .