نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي ۽ ڀرپاسي گئس جو پريشر گهٽجي ويو. گئس واهپيدار سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، بار بار دانهون ڪرڻ باوجود گئس ڪمپني انتظاميا خاموشي اختيار ڪري ڇڏي. نوان جتوئي شھر ۽ آسپاس پراڻا جتوئي، ٺوڙھا ۾ پڻ گئس جو پريشر گهٽجي ويو. رڌ پچاءَ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون، ماڻھو ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻارڻ تي مجبور بڻيل آهن. نوان جتوئي، ٺوڙھا ۽ پراڻا جتوئي جي گئس واهپيدارن نصر الله ملاح، معشوق علي کوسو، محمد علي مشوري، امجد حسين لاشاري ۽ ٻين چيو ته جلد کان جلد گئس پريشر وڌايو وڃي نه ته ڪجهه ڏينهن بعد گئس ڪمپني ۽ لاڳاپيل انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.