لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ۾ ملوث هر آفيسر کان سڄي زندگي حساب ورتو ويندو، لاهور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته اسان وٽ آءِ جي کان وٺي سپاهي تائين هر آفيسر جا تفصيل موجود آهن، حڪومت ۾ اچي انهن سمورن پوليس آفيسرن خلاف ڪيس هلائينداسين، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته لاهور ۾ اسان جا هڪ هزار کان وڌيڪ ڪارڪن گم آهن، جنهن به آئين ٽوڙيو ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف زلفي بخاري چيو ته پي ٽي آءِ جلسي ۾ گم ٿيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو ويندو،