لاهور: پنجاب جي سڌ سماءَ واري نگران وزير عامر مير چيو آهي ته رڪاوٽون ماڻهن کي جلسي ۾ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ناهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران شهرين جي تحفظ لاءِ چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، ڪنهن به سياسي جماعت جي ڪارڪنن کي جلسي ۾ شرڪت کان ناهي روڪيو ويو، حڪومت پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.  هن چيو ته وڏي سياسي اجتماع ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، آپگهاتي بمبار جلسي کي نشانو بڻائي سگهي ٿو، اطلاع آهن ته آپگهاتي ڌماڪي جو مواد لاهور ۾ پهچي چڪو آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته اظهر مشواني جي گرفتاري بابت مونکي علم ناهي، لاهور ۾ 2 ڏينهن کان برسات ٿي رهي آهي، هي چون ٿا ته جلسي گاهه ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، شاهه محمود قريشي عمران جي ٽڪر جو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، نگران وزير چيو ته عمران خان چوي ٿو ته آءِ جي پنجاب کان زندگي کي خطرو آهي، جڏهن ته 130 پنجاب پوليس جي اهلڪارن جي سيڪيورٽي عمران خان کي مليل آهي.