لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ٽن ڪيس ۾ ضمانت لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتو. عمران خان جي خلاف ريس ڪورس ٿاڻي ۾ ٽي ڪيس داخل آهن جن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ظل شاهه جو موت، ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جا ڪيس داخل آهن. عمران خان جي ڄاڻايل ڪيسن ۾ هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ کيس لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو هو. عمران خان ڪالهه عبوري صمانت لاءِ لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتو جتي سندس پاران داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو پر پوليس طرفان گرفتاري جو خدشو آهي، عدالت ٽنهي ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري پوليس کي گرفتاري کان روڪي. عدالت عمران خان جي ٽنهي ڪيس ۾ 4 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.