پي ٽي آءِ جو ڪراچي ۾ 16 اپريل تي وڏو جلسو، عمران خان خطاب ڪندو

0
240
پي ٽي آءِ جو ڪراچي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪامياب جلسن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪپتان پاران سڀاڻي پشاور ۾ جلسي جو اعلان ڪيل آهي جڏهن ته ڪراچي جي جلسي جي تاريخ هاڻي تبديل ڪئي وئي آهي

پي ٽي آءِ موجب پارٽي چيئرمين عمران خان هاڻي 17 جي بجاءِ 16 اپريل تي ڪراچي ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندو

ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ٽوئيٽ ڪندي ڪارڪنن کي مزار قائد تي جلسي بابت آگاهه ڪيو هو جنهن ۾ هن جلسي جي تاريخ 17 اپريل ٻڌائي هئي

اسد عمر چيو ته پاڪستان ڏسندو ته ڪراچي پنهنجي ليڊر عمران خان سان گڏ هڪ خود مختيار پاڪستان جي لاءِ بيٺو آهي

ھي به پڙھندا

شهباز شريف سڀاڻي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو