لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

0
178

ڪراچي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت مختلف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، مسلم ليگ ن جي اميدوار حمزه شهباز ۽ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ نه ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي

اسپيڪر جي وڪيل چيو ته عدالت آئيني معاملي کانسواءِ اسيمبلي جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي

حمزا شهباز جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ کي چيو ويو ته اسيمبلي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي پر عدالت حل ڪڍيو، قومي اسيمبلي ۾ اياز صادق کان اجلاس ڪرايو ويو

اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ معاملي کي نه ڏسي ها ته اسلام آباد جي صورتحال مختلف هجي ها

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته توهان ڪنهن نتيجي تي پهچو يا نه پر قانون پنهنجي نتيجي تي پهچندو

ھي به پڙھندا

شهباز شريف سڀاڻي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو