شهباز شريف جي صدارت هيٺ معاشي ماهرن جو اهم اجلاس

0
222
شهباز شريف سڀاڻي

ڪراچي: وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ معاشي ماهرن جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾، ملڪي معيشت بابت مشاورت ڪئي وئي

ذريعن موجب ماهرن جِي راءِ جِي روشني ۾ ملڪي معيشت ۽ مالياتي صورتحال تي اهم فيصلن جو امڪان آهي، هن کان اڳ شهباز شريف هفتي ۾ 2 سرڪاري موڪلون ختم ڪري ڇڏيون، سرڪاري آفيسن ۾ رڳو آچر تي موڪل هوندي

شهباز شريف صبح 8 وڳي آفيس پهتو، وزير اعظم هائوس ۾ شهباز شريف کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو هو

شهباز شريف سڀاڻي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو

جڏھن تھ  وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، شهباز شريف عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن ڪراچي پهچندو جتي هو مزار قائد تي حاضري ڀريندو

شهباز شريف وزيراعليٰ هائوس جو دورو پڻ ڪندو، جتي هو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز بهادر آباد جي دوري جو به امڪان آهي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن شهباز شريف پاران ايم ڪيو ايم سان ٿيل معاهدي جو ذڪر نه ڪرڻ تي وسيم اختر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو هي محفل اسان جي ڪري سجي آهي، يعني حڪومت اسان جي ڪري ٺهي آهي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شھباز شريف سرڪاري ادارن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي