واپارين ۽ صنعتڪارن جي تنظيم نگران حڪومت جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي

0
20
واپارين ۽ صنعتڪارن جي تنظيم نگران حڪومت جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي
واپارين ۽ صنعتڪارن جي تنظيم نگران حڪومت جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي

واپارين ۽ صنعتڪارن جي تنظيم ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ نگران حڪومت جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي

ايف پي سي سي آءِ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرڪار انگ اکرن موجب ملڪ ۾ 30 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي کوٽ هئي

نگران سرڪار جي وقتائتي فيصلي سان ڪڻڪ جي کوٽ تي ڪنٽرول ٿيو، ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻ سان ملڪ ۾ اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي آئِي، امپورٽ ٿيل ڪڻڪ جو اٽو 65 روپيا في ڪلو وڪرو ڪيو ويو، جڏهن ته مقامي ڪڻڪ جو اٽو 10 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو هو، اٽو سستو ٿيڻ سان خزاني تان 12 سئو 50 ارب روپين جو بار گهٽيو

نجي شعبي کي هيسائڻ بند انتهائي نامناسب آهي، حڪومت جي روين سبب نجي شعبو اڳتي احتياط ڪندو، ايف پي سي سي آءِ مطالبو ڪيو ته آبادگارن کان سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ خريداري يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري امدادي اگهه جو بار عوام تي نه وجهڻ گهرجي، سستي ڪڻڪ خريد ڪري عوام کي مهانگو اٽو وڪرو نه ڪيو وڃي

هن کي به پڙهندا

ڪڻڪ اسڪينڊل: نگران ڪاڪڙ سرڪار ذميوار قرار، 300 ارب جو خزاني کي نقصان: وزيراعظم پاران جاچ جي منظوري