ايم ڪيو ايم سان سنڌ حڪومت ۾ شموليت تي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي: سعيد غني

0
256
ايم ڪيو ايم سان سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جمهوري ۽ آئيني طريقي سان عمران خان مان جان ڇٽي آهي، عمران خان جي حڪومت جي خاتمي سان اسٽاڪ ايڪس چينج ۽ ڊالر مستحڪم ٿي رهيو آهي

ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پ پ 15 اپريل تي 3 تلوار تي رات جو جشن ملهائيندي، شهباز شريف جي 25 هزار روپيا اجورو جي اعلان جي آجيان ڪيون ٿيا، اسان مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو

هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان سنڌ حڪومت ۾ شموليت تي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، اسان اڳ ۾ دعوت ڏني هئي پر ايم ڪيو ايم انڪار ڪيو هو

هن چيو ته فرح گوگي بني گالا ۾ رهندي هئي، هن کي ۽ خاتون اول کي سامهون اچڻ گهرجي ۽ ٻڌائڻ گهرجي ته فرح گوگي کي ڏنل پيسن مان عمران خان صاحب کي ڪيترو حصو ملندو هو

ھي به پڙھندا

ايم ڪيو ايم جي فيصلي تي انا الله و انا اليه راجعون: فاروق ستار