وزيراعظم شھباز شريف سرڪاري ادارن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي

0
293
شهباز شريف پنهنجون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي بائيڪاٽ کانپوءِ نئين چونڊيل وزير اعظم شهباز شريف پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون

 پي ايم هائوس پهچڻ تي کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو، پاڪ فوج جَي چست جٿي شهباز شريف کي سلامي ڏني

شهباز شريف پنهنجي فيملي سوڌو پي ايم هائوس شفٽ ٿي ويو، وزير اعظم شهباز شريف ڇنڇر واري موڪل به ختم ڪري ڇڏي، هاڻي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ رڳو آچر تي موڪل هوندي

سرڪاري آفيسن ۾ ڊيوٽي جو ٽائيم به تبديل ڪيو ويو آهي، سرڪاري عملي کي صبح اٺ وڳي آفيس پهچڻ جِي هدايت ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

راڻا ثناءُ الله کي گهرو ۽ مريم اورنگزيب کي سُڌ سماءَ وزارت ملڻ جو امڪان