راڻا ثناءُ الله کي گهرو ۽ مريم اورنگزيب کي سُڌ سماءَ وزارت ملڻ جو امڪان

0
258
راڻا ثناءُ الله کي گهرو

ڪراچي (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي ڪابينا ۾ گهرو وزارت ۽ مريم اورنگزيب کي سُڌ سماءَ جو قلمدان ملڻ جو امڪان آهي

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ وفاقي ڪابينا ۾ شموليت بابت فيصلو ڪيو ويندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جا نالا اڄ فائنل ڪيا ويندا ۽ اڄ رات تائين ڪابينا جو اعلان ڪيو ويندو، نئين ڪابينا ۾ راڻا ثناءُ الله کي گهرو وزارت ۽ مريم اورنگزيب کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي

واضح رهي ته گذريل هفتي مخالف ڌر جي اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به راڻا ثناءُ الله کي گهرو وزير قرار ڏنو هو

ھي به پڙھندا

شهباز شريف پاڪستان جي وزيراعظم طور حلف کڻي ورتو