پيسا نه گهرجن پر قانون مان خاميون ختم ڪريو: جهاز حادثي جي فوتين جا وارث

0
271

ڪراچي: جهاز حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال حادثو ٿيو، 97 انساني جانيون ضايع ٿيون، اسانکي معاوضو ڏيڻ لاء چيو وڃي ٿو ته لکي ڏيو ته هاڻي انهي حادثي کي ڪٿي به چئلينج نه ڪندا. هنن چيو ته اسانکي پئسا نه گهرجن پر قانون ۾ گيپ ختم ڪري چالبازيون ختم ڪيون وڃن. وارثن جو چوڻ هو ته گورنر بيوس آهي، هو به سرڪاري چالبازي جو حصو آهي، پي آء اي ۽ ادارن پاران غلط بياني ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته شهيدن جو سامان ڪٿي آهي، اهو اڃان تائين وارثن کي واپس ناهي مليو. وارثن چيو ته فوتين جي انشورنس جو پئسو انهن جي پونيئرن جي ڪفالت جو ذريعو آهي، اين ڊي ايم اي ڪجهه ناهي ڪيو، اتي رينجرس ۽ ٻين ادارن ڪم ڪيو، اڃا تائين حادثي جي رپورٽ ناهي آئي.