ميهڙ: پي ٽي آءِ اڳواڻ جو مبينا اغوا ٿيل ڀاءُ جو ڏس نه پتو

0
259

ميهڙ(ن پ ا) تحريڪ انصاف سٽي ميهڙ جي انفارميشن سيڪريٽري زبير سمون ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀاءُ شهيب سمون کي اغوا ٿئي 14ڏينهن جو عرصو گذري چڪو آهي پر ميھڙ پوليس منهنجي ڀاءُ کي بازياب نٿي ڪرائي ۽ هن وقت تائين اغوا جو ڪيس به داخل ناهي ڪيو ويو، ٿاڻي تي وڃون ٿا ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي، هن چيو آهي ته ڀاءُ جي اغوا ٿيڻ ڪري پيرسن امڙ ۽ والد پريشان آهن، عيد ويجهو هجڻ ڪري گهر ۾ خوشيون هجڻ بجاءِ ڏک وارو ماحول ڇانيل آهي، هن چيو ته مون کي بااثر ڏوهاري موتمار ڌمڪيون به ڏين ٿا. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته سندس ڀاءُ کي فوري بازياب ڪرائي گهر مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.