ڪابينا ڪميٽي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

0
318

اسلام آباد: ڪابينا ڪميٽي اتفاق راءِ سان نيب جي درخواست تي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته نيب جي درخواست درست آهي، ان ڪري ڪابينا کي سفارش ڪجي ٿي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي. شيخ رشيد چيو ته 15 ڏينهن اندر شهباز شريف اسان کي نظرثاني جي درخواست ڏئي سگهي ٿو، جنهن تي 90 ڏينهن اندر فيصلو ڪيو ويندو. جيڪڏهن هو پاڻ به پيش ٿيڻ چاهي ته درخواست ڏئي سگهي ٿو. ان موقعي تي وزير اعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر چيو ته ڪميٽي اهو موقف اختيار ڪيو ته هن وقت شهباز شريف مٿان ڪيترائي اهم ڪيس هلن پيا، جن ۾ مني لانڊرنگ کان علاوه رمضان شگر ملز، چوڌري شگر ملز وغيره شامل آهن، جيڪڏهن شهباز شريف کي وڃڻ ڏنو ويندو ته ڪيس التويٰ جو شڪار ٿي ويندا، ڪميٽي پنهنجي سفارش ڪابينا کي موڪلي ڇڏي آهي. هن چيو ته ٻي اهم ڳالهه جنهن ۾ حڪومت به سمجهي ٿي ته ماضيءَ جو اڻ حل ٿيل ڪيس حديبيه پيپر ملز جو آهي، هڪ راءِ اها به آئي پئي ته اهو ڪيس نٿو کلي سگهي پر ڪوبه ڪيس جنهن ۾ ڪا نئين شاهدي ۽ ثبوت هٿ اچي ٿو ته قانون موجب اهو ڪيس کلي سگهي ٿو.