خيرپور/پيرڳوٺ : ننهن جا مائٽ اغوا ڪري ويا، انصاف ڪيو وڃي: مبينه اغوا ٿيل عورت منظرعام تي اچي وئي

0
240

خيرپور/پيرجوڳوٺ (نما؟ندن وٽان) ھڪ مھينو اڳ پريالوءِ ڀرسان پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان علي رضا شيخ جي مبينا اغوا ٿي ويل امڙ مسمات نذيران شيخ ڊرامائي انداز ۾ منظرعام تي اچي وئي، متاثر عورت ڌيئرن سميت احتجاج ڪندي چيو ته ننهن صديقا جا مائٽ گھر تي حملو ڪري ھٿيارن جي زور تي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا. جن سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پندرھن ڏينھن نامعلوم ھنڌ تي قيد ۾ رکيو بعد ۾ علائقي جي معززن جي ھٿ تي آزاد ڪيو ويو. اغوا معاملي جي جوابدارن خلاف درخواست عدالت ۾ داخل ڪرائي آھي. ھن وڌيڪ دانھيندي چيو ته منھنجي پٽ علي رضا شيخ صديقا عمراڻي سان شادي ڪئي آهي جنھن جي سزا مون کي ڏني وئي، گھرن تي قبضا ڪري گھرن ۾ بيٺل چوپايو مال ٻڪريون ھنڌ بسترا نياڻين جو ڏاج سون روڪ رقم پڻ کڻي ويا آهن، انصاف ڪيو وڃي