پوليس ادب ۽ فرخ ملڪ

0
392

اسان جي معاشري ۾ ماڻهن جي گهڻائي پوليس ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن کي سخت دل سمجهندي آهي. پوليس وارن جي نوڪري جي نوعيت کي ذهن ۾ رکندي ماڻهن جي ان مشاهدي کي ڪنهن حد تائين صحيح به تسليم ڪري سگهجي ٿو پر پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن. اهو چوندي وڌاءُ به ڪونه ٿيندو ته اسان پنهنجي معاشري ۾ پوليس جي ملازمت ۾ اهڙا انيڪ ملازم ڏٺا جن ۾ انسانيت، همدردي ۽ انسانيت جي لاءِ لامحدود عزت هئي.هڪ تاثر اهو به آهي ته ڇاڪاڻ جو پوليس وارا سخت مزاج هوندا آهن، ان ڪري اهي فنون لطيفه ۽ لکڻ پڙهڻ واري عمل کان ڪوهين ڏور هوندا آهن. اهو تاثر به غلط آهي ۽ ها پوليس وارن جي سيني ۾ هڪ عام انسان وانگر دل به هوندي آهي.منهنجي هٿن ۾ جڏهن ادا فرخ ملڪ جو گارسيا مارڪيز جو ترجمو ڪيل ڪتاب “ساروڻيون سدا سهاڳڻين جون” آيو ته مان ڪافي حد تائين حيران ٿي ويس. هڪ ته هڪ پوليس آفيسر جي ملازمت اهڙي نوعيت جي هوندي آهي جو هو چاهيندي به تخليقي عمل لاءِ وقت نه بچا ئي سگهندو آهي. ٻيو ته جيڪڏهن وقت ملي به وڃي ٿو ته ان جي لاءِ ادبي ذوق ۽ قابليت هجڻ گهرجي. ان ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ مونکي پختو يقين ٿي ويو ته فرخ ملڪ ۾ اهي ٻئي گڻ آهن.هونئن به پوليس وارن جي ادب کان ڪوهين ڏور رهڻ واري تاثر کي پاسائتو ڪرڻ لاءِ مون بين القوامي سطح تي معمولي قسم جي کوجنا ڪئي. ان مان مونکي ڏاڍي ڪارآمد معلومات ملي. مونکي اهو ڄاڻي لامحدود خوشي ٿي ته بين الاقوامي سطح تي پوليس وارا بهترين قسم جا ناول نگار رهيا آهن.منهنجي هڪ لکڻيءَ تي نظر پئي جنهن مان خبر پئي ته بين الاقوامي سطح تي چڱي تعداد ۾ پوليس آفيسرن ناول لکيا. جن ۾ ڪجهه نالا ڊورٿي يوناڪ، جيمبس بائرن هگس، جوسف وامباغ ۽ جاهن ايم ولز آهن. ڊورٿي جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جا ناول هن جي تجربي جي بنياد تي آهن. بائرن هگس جي لاءِ پڻ چيو ٿو وڃي هو پوليس فورس جو بهترين ناول نگار آهي. جوسف وامباغ جي لاءِ وري مشهور آهي ته هو پوليس سان لاڳاپيل جديد ناول جو ابو آهي. هن کي ڪافي انعام اڪرام به سٺا ناول لکڻ تي مليا.سو مون ڳالهه پئي ڪئي فرخ ملڪ جي ترجمو ٿيل ڪتاب “ساروڻيون سدا سهاڳڻين جون” ۽ فرخ ملڪ جي پنهنجي باري ۾، ادا فرخ ملڪ نرم دل رکندڙ سلجهيل ۽ سٻاجهڙو پوليس آفيسر آهي. فرخ ملڪ سن 1982ع ۾ خيرپور ميرس شهر جي هڪ علمي ۽ ادبي خاندان ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏي مرحومه آپا خيرالنساءَ ملڪ نامياري تعليمدان هئي جنهن نياڻين جي تعليم ۽ تربيت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان علاوه فرخ ملڪ جو چاچو مختيارملڪ ناليوارو شاعر ۽ براڊڪاسٽر آهي. جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو.فرخ ملڪ ابتدائي تعليم خيرپور جي عطيه هائير سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر پاس ڪئي. گهر جي علمي ادبي ماحول ڪري شروع کان ئي فرخ ملڪ جو لاڙو ادب ڏانهن رهيو ۽ کيس سندس چاچي مختيار ملڪ گهڻو متاثر ڪيو. گڏوگڏ تنوير عباسي جي خاندان سان ويجهڙائي هجڻ ڪري تنوير عباسي پڻ سندس ادبي آبياري ڪندو رهيو. ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ دوران فرخ ملڪ لاڙڪانينس لٽريري سرڪل نالي ادبي تنظيم پڻ جوڙي جنهن جو پيٽرن ان چيف ڊاڪٽر تنوير عباسي هو. فرخ ملڪ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هائوس ميگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم دوران ئي فرخ ملڪ جي “نرواڻ” نالي لکيل پهرين ڪهاڻي معروف ادبي رسالي سوجهري ۾ تاج بلوچ ڇاپي.ڪيڊٽ ڪاليج کان پوءِ فرخ ملڪ جي داخلا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي. فرخ ملڪ چانڊڪا ميڊيڪل ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ۽ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ فرخ ملڪ ادبي لڏي جو روح روان رهيو ۽ اتان “وک” نالي ادبي پرچو به ڇپرائي پڌرو ڪندو رهيو.فرخ ملڪ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان سن 2006ع ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ ان کان پوءِ سن 2007ع ۾ سي ايس ايس ۾ امتحان پاس ڪري پوليس سروس آف پاڪستان جو حصو بڻيو. پوليس ۾ اچڻ کانپوءِ به فرخ ملڪ علم ۾ ادب سان ناتو قائم رکيو ۽ 2017ع ۾ جڳ مشهور اداري ڪنگز ڪاليج لنڊن مان پبلڪ پاليسي اينڊ مينيجمنٽ ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪيائين.فرخ ملڪ پنجاب ۽ سنڌ ۾ پوليس جو حصو رهيو جنهن ۾ پڻ نيڪ نامي ڪمايائين. پنجاب ۾ هو لاهور ۾ ايس ايس پي ۽ ايس پي رهيو ۽ فيصل آباد ۾ ايس ايس پي جي عهدي تي رهيو. سنڌ ۾ فرخ ملڪ ڏيڍ سال ايس ايس پي دادو جي عهدي تي رهيو ۽ اڄڪلهه ڪراچي ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن سٽي طور خدمت ۾ مصروف آهي. گارسيا مارڪيز کي ترجمو ڪرڻ هڪ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. ادب ۾ دلچسپي رکندڙ اعليٰ پائي جي دوستن جو چوڻ آهي ته ترجمو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ان کان وڌيڪ ڏکيو ڪم اعليٰ پائي جي ليکڪ کي ترجمو ڪرڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو چڱا ڀلا ليکاري ترجمو ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن. فرخ ملڪ نه صرف مارڪيز جو ترجمو ڪيو آهي پر هن پنهنجو سئو سيڪڙو رت ست ڏئي گارسيا مارڪيز سان انصاف ڪيو آهي. گارسيامارڪيز جو هي ناول سندس زندگي جو آخري ناول هئو جنهن جو فرخ ملڪ لاجواب ۽ بهترين ترجمو ڪيو آهي.
فرخ ملڪ جو ترجمو ٿيل گارسيا مارڪيز جي ناول جو نالو ئي ناول جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ڇڏي ۽ ان کانپوءِ گهڻي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي رهي. هي ناول اسانکي سڌو سدا سهاڳڻين، انهن جي زندگي ۽ انهن جي ماضي، حال ۽ مستقبل ڏي کڻي وڃي ٿو. هي ناول اسانکي سدا سهاڳڻين مان ڊگهي عرصي تائين لطف اندوز ٿيندڙ ڪردارن مان هڪ ڪردار جي باري ۾ ڏاڍو گهرائي سان ٻڌائي ٿو. ناول اسانکي ان جهور پوڙهي جي جنسي زندگي ۽ خواهش جي باري ۾ ڏاڍو تفصيل سان ٻڌائي ٿو. هي ناول پوڙهائپ جي باوجود پوڙهائپ ۽ ڪمزوري کي ويجهو نه اچڻ ۽ دل جي جوان هجڻ وارن جهور پوڙهن جي باري ۾ مڪمل معلومات فراهم ڪري ٿو. سدا سهاڳڻيون ۽ پوڙهائپ جي باوجود پاڻ کي جواڻ جماڻ سمجهندڙ پوڙهن تي بين الاقوامي طور تي لاتعداد ۽ ادب تخليق ڪيو ويو آهي. پر هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو هڪ بهترين ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو ترجمو ڪندڙ ادا فرخ به ڪتاب سان سئو سيڪڙو انصاف ڪيو آهي، هن ڪتاب جي نالي جي سرجڻ کان وٺي ترجمي ۾ به مترجم پنهنجي سئو سيڪڙو قابليت جو استعمال ڪيو آهي.اسان وٽ ڪجهه معاشرتي پابندين جي ڪري انهن موضوعن کي پاسيرو رکيو وڃي ٿو ۽ انهن تي بنهه گهٽ لکيو وڃي ٿو. جنهن ڪري معاشري ۾موجود اهڙن ناسورن، براين ۽ روين کي وائکو ڪرڻ جا موقعا هٿ وٺي ضايع ڪيا وڃن ٿافرخ ملڪ پنهنجي ملازمتي مشغولين جي باوجود سنڌي ادب کي هڪ بهترين تحفو ترجمي جي صورت ۾ ڏنو آهي. هي ناول ترقي پسند ۽ بالغ ذهنيت رکندڙ ادب دوست ماڻهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي فرخ ملڪ جي قابليت، ترجمي جي پختگي، لفظن جي روانگي ۽ هن جي ترجمي جي مخصوص انداز ناول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. هي ناول هر عمر جي ماڻهوءَ جي لائبريري لاءِ انتهائي ضروري آهي.مون فرخ ملڪ جي ان ڪاوش تي جامع تبصرو لکڻ پئي چاهيو پر وقت جي کوٽ سبب مان پنهنجي ان خواهش کي عملي جامو پارائي نه سگهيس.بحرحال فرخ ملڪ هڪ بهترين ليکڪ جي لاجواب ناول جو من موهيندڙ ترجمو ڪرڻ تي کيرون لهڻي.