تعليم جو ٻڏندڙ ٻيڙو ۽ استاد، اسڪول، سماج

0
350
ناڪاره-حڪمت-عملي-جي-سزا

ھڪ وقت ھو استاد مرڪز هوندو ھو، وري پاليسي تبديل ٿي
اسڪول کي اھميت ملي انڪري ڳوٺ ڳوٺ ۾ الڳ اسڪول کوليا ويا وري پاليسي تبديل ٿي ،مرڪز نصاب کي بڻايو ويو موجوده دور ۾ مرڪز شاگرد آھي. جيڪو غلط ناھي، اڄ جي گهرجن مطابق شاگرد کي مرڪز بڻائي، پاليسيون ٺاهيون وڃن، پر پاليسين سان گڏ ھڪ ٻي پاليسي به ھلندي رھي، جيڪا سئو سيڪڙو ڪامياب رھي، اھا پاليسي ھئي استاد،اسڪول، سماج (ڪميونٽي) مطلب والدين جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ. ڪجھه اھڙي طرح پاليسي تي عمل ٿيو جو استاد جيڪو سماج جو اھم فرد ھو، ان کي برو بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، اھڙا استاد ڀرتي ڪيا ويا جيڪي ھن مھان پيشي جي لاءِ ڪنھن به طرح صحيح نه ھئا. استاد ڳوٺ جو مولوي، نيڪ مرد، چڱو مڙس بڻيل ھو، رشتن ڏيڻ وٺڻ کان وٺي ھر فيصلو استاد جي مرضي کان سواءِ نه ٿيندو ھو، ان ڪري سڀ کان اول ان کان اھا حيثيت ختم ڪرائڻ لاءِ ان کي گوسڙو بڻائڻ جي شروعات ڪئي وئي، استاد کي ڊيوٽي چور بڻايو ويو، جنھن سان سماج ۾ ان جي حيثيت گھٽ ٿي، استاد جو سماج، والدين ۽ اسڪول سان تعلق ختم ڪيو ويو، ھن سازش کي معزز استاد سمجھي نه سگھيا، اڄ تائين سمجھڻ کان قاصر آھن، ۽پاڻ کي طاقتور سمجھڻ جي بيوقوفي ڪندا آھن. ھو سمجھن ٿا ته ھو ڊيوٽي ان ڪري نه ٿا ڪن جو ھو طاقتور آھن،ايئن ھر گز نه آهي. انھن لاءِ ھڪ مثال ھي آھي ته هو سپروائيزر کي پنھنجي پگھار مان پئسه ڏين ٿا.جيڪڏهن استاد جي پگھار بند ٿئي ته هو آفيسرن کي راضي ڪرڻ لاءِ پھرين وڏيري يا ڀوتار کي سلامي ڪندا، ان کان پوءِ کين ڳري رشوت ڏيڻي پوندي، سندن جائز ڪم رشوت کان سواءِ نه ٿو ٿئي، خير اڄ انهن سان عام ماڻھو جو رويو ڪھڙو آھي؟ انھن عام ماڻھن عقل جي انڌن کي عرض ته اڳ ۾ انهن جا ٻار پنھنجي ڳوٺ ۾ بھتر تعليم حاصل ڪندو ھئا، ھاڻي ان کي ڏھه ڏھه ڪلوميٽر پنڌ ڪري شھر اچي ڳرين فين تي تعليم حاصل ڪرڻي ٿي پوي، جنھن تعليم جي معيار جي سڀني کي خبر آهي.انڪري وري ٻه ٻه ٽيوشن پڙھڻا ٿاپون. ھي اها سزا آھي اصل مسئلي کي سمجھڻ کانسواءِ استادن ۽ اسڪول کان سماج جو رشتو ٽوڙڻ جي. توھان جو رشتو اڄ به اسڪول سان آھي پر ايس ايم سي جي ڪجهه ھزارن مان ڪجهه سئو حاصل ڪرڻ لاءِ، جيڪو استاد کي بليڪ ميل ڪري ان کان ورتا ويندا آهن ، اھو استاد به پنھنجي حصي کي بچائڻ لاءِ اسڪول جي پئسن کي سمورن حصيدارن ۾ پوري ايمانداري سان ونڊي ٿو. اڄ استاد، والدين، اسڪول جو پري پري تائين ڪو واسطو ناھي، انڪري استادن تي تنقيد ٿئي ٿي، ڪرڻ وارا به ايترا ئي ڏوھي آھن جيترا اھي ڊيوٽي چور استاد.جنهن ڪري اڄ استاد اڪيلو بيٺو آھي، ان جا جائز مطالبا به نه ٿا مڃيا وڃن. مثال ايجوڪيشن انڪريمينٽ جيڪا 2002ع کان مشرف آمر جي دور کان بند آھي، گروپ انشورنس جيڪا ان جي پگھار مان ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي ان کي نه ٿي ملي، بينيول فنڊ جيستائين زنده آھي ان کي نه ٿو ملي، رٽائرمينٽ تي پندرھن سيڪڙو رشوت ڏيڻ تي مجبور آهي. ادارا تباھه ته خوش استاد ۽ والدين به ناھن، استاد جي انتظامي لحاظ کان بدلي ٿئي ٿي بدلي ڪرڻ وارا آفيسر. استاد آرڊر کي تسليم نه ڪري تڏھن به پگھار بند، تسليم ڪري تڏھن به پگھار بند، ڇو ته بائيوميٽرڪ استاد جي ھڪ ھنڌ، اهو استاد ڊيوٽي ڪري ٻئي ھنڌ، جڏھن بائيوميٽرڪ اسسٽنٽ وڃي اسڪول تي يا ڪو اعليٰ آفيسر ته استاد بائيوميٽرڪ ۾ غير حاضر، ان ڪري ان جي پگھار بند، تنھن ڪري استاد کي پندرھن کان ويھه ھزار رشوت ڏئي بائيوميٽرڪ تبديل لازمي ڪرائڻي پوندي. ھي پريشاني انھن استاد کي آھي جيڪي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪندا آھن، انھن کي بلڪل نه جيڪي وڏيري ڀوتار يا آفيسرن جا دادلا آھن. خير اڄ استاد جو جتي اسڪول سماج سان رشتو ڪمزور ٿيو آھي اتي استاد پاڻ به ڪمزور ٿيو آھي، سماج جو رويو استاد سان اڍنگو آھي ان جي سزا انھن کي، انھن جي ادارن جي تباھي جي صورت ۾ ملي ٿي، انھن جا ٻچا در بدر آھن. انھن کي ڳرين فين تي تعليم حاصل ڪرڻي پوي ٿي.
ھاڻي ٿيڻ ڇا گھرجي ؟
اسڪول استاد ۽ سماج کي گڏجي ڪو لائحه عمل جوڙڻ گھرجي، ويڇا ختم ڪري مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان جدوجھد ڪرڻ گھرجي.
استادن کي پنھنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ گھرجي، حڪومت استادن جا جائز مطالبا بنا ڪنھن احتجاج جي مڃي پر اهو ممڪن نه ٿو لڳي.ڇو ته تعليم۽ اسڪول جي تباھي جو نقصان حڪمرانن کي ناھي بلڪه عام ماڻھوءَ کي آھي.،جنھن کي سمجھڻ گھرجي پنھنجي ادارن جي مالڪي ايس ايم سي جي فنڊ لاءِ نه بلڪه اسڪول جي بھتري لاءِ ڪرڻ گھرجي.
ايماندار قابل آفيسر مقرر ڪيا وڃن، استادن جي پينشن جو نظام سڌو آن لائين ڪيو وڃياسڪول جي بنيادي ضرورتن جو پورائو ڪيو وڃي
استادن جون ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وڃن چيڪ اينڊ بيلنس جي نظام کي بھتر بنائڻ لاءِ تعلقي سطح تي ھڪ سال لاءِ ايجوڪيشن ڪاميٽي ٺاھي وڃي، جنھن ۾ ايماندار ۽ ھوشيار استاد سان گڏ پڙھيل لکيل نوجوانن کي شامل ڪيو وڃي، جيڪي اسڪول جي تعليم جو جائزو وٺي اعليٰ اختيارين تائين پھچائين. ايماندار محنتي استادن کي اضافي انڪريمينٽ ڏنيون وڃن استادن شاگردن ۽ والدين جي وچ ۾ ويڇا ختم ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪرايا وڃن انھن جي روشني ۾ تعليمي پاليسيون جوڙيون وڃن.
جديد دور پٽاندر نصاب ٺاھي غير ضروري شيون نصاب مان خارج ڪري استادن شاگردن مٿان ڪورس جو بار گھٽايو وڃي. استادن کي جديد طرز جي ٽريننگ سان گڏ تقابلي تعليمي ٽوئر ڪرايا وڃن، جيڪي ھڪ صوبي کان ٻئي صوبي ھڪ ملڪ کان ٻئي برادر ملڪ جا ھجن ته ھوند اسان جو مستقبل محفوظ ٿيڻ سان گڏ سماج ۾ به انيڪ بھتريون اينديون ۽ تعليم جي ذريعي اسان ترقي ڪري ملڪ ۽ قوم کي اتحاد محبت سان رھڻ جو رستو ڏيکاري نفرتن کي سدائين لاءِ ختم ڪري سگھنداسين.
پر ھي ھن سسٽم ۾ ممڪن نه آھي جيڪو صرف ۽ صرف انفرادي مفادن جو درس ڏئي ٿو اجتماعي مفادن کان اسان توھان سڀني کي ڏور ڪري ڪوڙي مقابلي جو ڏس ڏئي ٿو،
سماج جي ترقي اسڪول استاد شاگرد ۽ والدين جي وچ ۾ بھتر تعلق سان ممڪن آھي.