پوپ ڳائڻي افغانستان مان نڪرڻ ۾ ڪامياب

0
293

ڪابل: افغان پوپ ڳائڻي آريانا سعيد آمريڪي فوجي جھاز جي ذريعي افغانستان مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي، ڪابل تي طالبان جي ڪنٽرول بعد افغانستان مان غيرملڪين ۽ افغانين جي نڪرڻ جو عمل جاري آھي، ان دوران ڪيترائي افغان شھري بھ افغانستان مان نڪري چڪا آھن، جڏھن تھ اڏامون نھ ھجڻ ڪري انھن کي مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن.

نيٽو موجب افغانستان مان ھن وقت تائين 12 ھزار غيرملڪين سوڌو سفارتخانن ۽ اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ افغانستان باشندا نڪري چڪا آھن، ھي ماڻھو آمريڪا ۽ برطانيا جي فوجي جھازن ذريعي ڪابل مان روانو ٿي رھيا آھن.

انسٽا گرام تي ھڪ پوسٽ ۾ آريانا آمريڪي فوجي جھاز ۾ ويھي پنھنجي تصوير پوسٽ ڪئي ۽ ٻڌايو تھ مان گذريل ڪجھ ناقابل يقين راتين بعد جيئري آھيان ۽ خيريت سان دوحا پھچي چڪي آھيان ۽ ھاڻ استنبول ۾ پنھنجي گھر وڃڻ جي لاءِ فلائٽ جو انتظار ڪري رھي آھيان.