احمدپور (ن پ ا) احمدپور لڳ نينگري کي وياج جي پيسن عيوض مبينا طور اغوا ڪرڻ بعد زبردستي شادي ۽ زيادتي ڪرڻ واري معاملي جو 9 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، مک جوابدار سميت 2 ڄڻا گرفتار. رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ وريو ڦلپوٽو ۾ مبينا طور 12 سالن جي نينگريءَ نبيلا ڌيءَ سبحان علي ڦلپوٽو کي وياج عيوض اغوا بعد زبردستي شادي ۽ 8 ڏينھن تائين زيادتي ڪرڻ واري معاملي جو احمدپور ٿاڻي تي نينگريءَ جي پيءُ سبحان علي ڦلپوٽو جي فرياد تي الطاف ڦلپوٽو، معروف ڦلپوٽو، علي خان ڦلپوٽو، امير علي، جميل، لکمير ڦلپوٽو سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي ڪيس ۾ مک جوابدار الطاف ڦلپوٽو ۽ علي خان ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ نينگريءَ جي والد جو چوڻ آهي ته الطاف ڦلپوٽو سان پئسن جي ڏيتي ليتي هئي جيڪو هٿياربند ساڻ ڪري گهر مان ڌيءَ نبيلا کي اغوا ڪري زبردستي پرڻو ڪرڻ بعد کيس ڪمري ۾ بند ڪري 8 ڏينھن تائين زيادتي ڪندو رهيو. ان موقعي تي ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. احمد پور پوليس جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، ڪيس جي سمورن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.