اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فيڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا سيٽ جو حق مڃي سگهجي ٿو؟ اسان جي موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو، غريب ميڊيا ڪارڪن ۽ عوامي مفادن جو تحفظ ناهي، بليڪ ميلنگ کي پنهنجو حق قرار ڏيڻ ۽ اشتهار ڏيڻ صرف پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي، جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو آهي ته ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرن کي پنهنجي اداري سان معاهدي تي عملدرآمد لاءِ ميڊيا ٽربيونلز سان رجوع ڪرڻ جو حق ۽ فيڪ نيوز تي ڏنڊ جي شقن کان علاوه باقي تيار ڪيل قانوني مسودي ۾ اسان کي تبديلي منظور آهي پر ميڊيا ڪارڪنن کي قانوني داد رسي جو حق ڏيڻ اسان جو فرض آهي.