لاڙڪاڻو: اي ايس پي سٽي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پوليس آرتي ٻائي جي ٽريسنگ ڪئي جنهن ۾ معلوم ٿيو ته آرتي ٻائي ڪراچي ۾ ترسيل آهي کيس هٿ ڪرڻ لاءِ ڪراچي وڃي رهيا هئاسين ته ٽريسنگ سسٽم جي ذريعي معلوم ٿيو ته آرتي لاڙڪاڻي ڏانهن اچي رهي آهي جيئن هوءَ لاڙڪاڻي شهر جي حد ۾ داخل ٿي ته کيس شهر جي نيو بس اسٽينڊ واري علائقي مان ڪراچي واسي نوجوان محمد فواد سميت پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ کيس فوري طور لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.