پوليس تي حملي ۾ ڌاڙيل راحب شر ۽ سومر شر وارو ٽولو ملوث آھي: ايس ايس پي گھوٽڪي

0
469

گھوٽڪي/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) گھوٽڪي جي ڪچي ۾ شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جا مڙهه جنازي نماز بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ شهيد  ٿيل 5 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن  جا لاش جنازي نماز بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،  شهيدن پوليس آفيسرن  ۽ اهلڪارن جا وارث سندن لاش  اباڻن علائقن ڏانهن کڻائي ويا

ايس ايس پي گھوٽڪي جو چوڻ آھي تھ پوليس تي حملي ۾ ڌاڙيل راحب شر ۽ مارجي ويل ڌاڙيل سلطو شر جو ڀاءُ سومر شر وارو ٽولو ملوث آھي

آءِ جي سنڌ شام گهوٽڪي پهچندو،  جنهن بعد آپريشن بابت فيصلو ڪيو  ويندو، ميرپورماٿيلو:شهيدن ۾ ڊي ايس پي  اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او  ميرپورماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر شامل آھن

ايس ايڇ او کينجهو دين محمد لغاري،2  اهلڪار جتوئي پتافي ۽ سليم چاچڙ  به شهيدن ۾ شامل آھن، سڄي سنڌ ڏکاري آھي، ڪنھن بھ صورت ۾ ڌاڙيلن کي معاف نھ ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

ڌاڙيلن جي حملي ۾ شھيد ٿيل پوليس آفيسرز ۽ ٻن جوانن جي جنازي نماز ادا

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو حملو، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد، 3 زخمي