ڌاڙيلن جي حملي ۾ شھيد ٿيل پوليس آفيسرز ۽ ٻن جوانن جي جنازي نماز ادا

0
322

گھوٽڪي/ميرپورماٿيلو/ڏھرڪي/ رائونتي(نمائندن وٽان) رانئوتي جي ڪچي ۾ پوليس سان مقابلي دوران ڌاڙيلن پاران اينٽي ايئرڪرافٽ گنز جو استعمال ڪيو ويو آھي

 ذريعن موجب ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيل رجب شر جي چاچي راجو شر جي گهر وٽ پوليس پهتي ته ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو

ذريعن موجب ڌاڙيلن پوليس جو گهيرو ڪري جوانن ۽ آفيسرز کي راڪيٽ لانچرز جا فائر ڪري شهيد ڪيو، رهزن ڌاڙيل راحب شر ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو بيان ۾ ايس ايس پي تنوير تنيو کي ڌمڪيون به ڏنيون هيون

ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل ڊي ايس پي اوٻاوڙو، ٻن ايس ايڇ اوز ۽ ٻن جوانن جي ايس ايس پي آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايم اين اي محمد بخش مهر، پوليس ۽ رينجرز جي آفيسرز توڙي شهرين پاران شرڪت ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو حملو، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد، 3 زخمي