اشو آف دي ڊي … اعظم سواتي جي وڊيو: سلسلو ٻين ليڊرن جي گهرن تائين پهچي ويندو: سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
1827

  پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ سينيٽر اعظم سواتي جي وڊيو جي مامري تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، اعظم سواتي جي پريس ڪانفرنس دوران روئڻ واري وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي به وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري عمل کي گهٽيا حرڪت قرار ڏنو ويو ۽ مذمت ڪئي وئي، ان حوالي سان پوسٽ شيئر ڪندي عمران خان لکيو ته اعظم سواتي جي گهر تائين محدود، مڪمل طور غير عوامي ۽ تهجند گذار محترمه گهرواري کان معافي گهران ٿو ته ان کي ان ڪرڀ، اذيت ۽ توهين ذلت جي اڻوڻندڙ احساس جو بار کڻڻو پئجي ويو، خدا ڪري ڪنهن به انسان کي ان عمل مان نه گذرڻو پوي، آئون چيف جسٽس آف پاڪستان کان استدعا ٿو ڪريان ته ان جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي. مصطفيٰ نواز کوکر ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اعظم سواتي صاحب هي ڪلب چيئرمين سينيٽ ۽ سموري پارليامينٽ جي منهن تي چماٽ آهي، ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اسان جي انٽيليجنس وارا ان حد تائين ڪري پوندا، اسان جي ديني معاشرتي اخلاقيات جا ان طرح بکيا اڊيڙيا ويندا، ڪنهن جي عزت نفس محفوظ ناهي، خدا جي لعنت هجي اهڙن ماڻهن تي، جنهن تي سيده زهرا زيدي لکيو ته اهڙي گهٽيا حڪومت مان اوهان ڪڏهن استعيفا ڏئي رهيا آهيو، محمد فيصل لکيو ته انهن کي خبر ناهي ته هي بزرگ شخص آهي، ايڊووڪيٽ شهزاد حسن لڱيو ته اوهان سمجهو ٿا ته هي سچ ڳالهائي رهيو آهي وڏو ڊراميبازي آهي، وفاقي وزير بڻجندي ئي پرديدار عورتن کي معمولي ڳالهه تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو، ملڪ ڪاشف لکيو ته مشاهدالله مرحوم جا يادگار لفظ، حڪمران دور جا فرعون شايد اها ڳالهه وساري ويٺا هئا ته وقت سدائين بدلجندو رهندو آهي ان لاءِ اوقات نه وسارڻ گهرجي اعظم سواتي جي اڄوڪي حالت جو ذميوار اعظم سواتي پاڻ آهي، ڳالهه ڪڙي آهي پر سچ آهي، مذمت اڄ ضروري آهي. شاهد عباسي لکيو ته انساني معاشري ۾ اهڙو سوچي به نٿو سگهجي ڇا هاڻي اسان ان سطح تائين ڪري پيا آهيون؟ محمد انور خان لکيو ته هي ڪلپ انهن جي منهن تي به چماٽ آهي جيڪي مريم نواز جي واش روم ۾ وزارت عظميٰ جي ڪريسي تي ويهي ڪيمرا لڳائيندا هئا، وڊيو جي فوري طور فرانزڪ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن اصل آهي ته عدالت وڃڻ گهرجي ڪوڙي هجڻ جي صورت ۾ سڀني کي اداري کان معافي گهرڻ گهرجي، مظهر چانڊيو لکيو ته اوهان عمل تي تنقيد ڪري سگهو ٿا پر ڪنهن اداري يا فرد تي الزام يا گاريون نٿا ڏئي سگهو، اسان به ان عمل جي خلاف آهيون، ان جي مذمت ڪريون ٿا، پر جنهن سان اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي اهو پاڻ ظالم شخص آهي.عميزه علي عورتن جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته اعظم سواتي جو ستايل عوام، جهان زيب رانا لکيو ته اعظم سواتي آڪٽوبر 2018ع ۾ هن ٻار کي پوري خاندان سميت گرفتار ڪرايو هو گهر تي حملو ڪرايو هو عورتن جي بي حرمتي ڪئي هئي 20 ورهين جي ڀيڻ ۽ ماءُ پيءُ کي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو هو، جواد احمد لکيو ته پارليامينٽ ۽ سينيٽ ۾ ويٺل اڪثر ماڻهو وڏيرا، سرمائيدار، مافياز به هن ملڪ جي مجبور غريب عوام تي منهن تي چماٽ آهن، جيڪي نه صرف ڪروڙين رپيا لڳائي اليڪشن وڙهندا آهن حڪومت ٺاهيندا آهن پوءِ اربين رپيا ٺاهيندا آهن اعظم سواتي سان ٿيل ورتاءُ جي مذمت ڪريان ٿو، نعيم شهزاد، منور چانگ به ردعمل ڏنو، مينا غوري لکيو ته ڪڏهن ميڙاڪي ۾ ويا آهيو، اتي به ماڻهو چڱا ڀلا ويٺا هوندا آهن اوچتو روئڻ شروع ڪري ڏيندا آهن هي به ايئن ئي ڪري رهيو آهي، ايڊووڪيٽ عبدالمجيد مهر لکيو ته انهن خلاف جيڪڏهن اوهان متحد نه ٿيا ته سلسلو سڀاڻي اوهان جي ليڊرن جي گهرن تائين پهچي ويندو.سعديه اصغر لکيو ته عائشه گلالئي ڪوڙي هئي پر اعظم سواتي سچو آهي؟ ريحام ڪوڙي ٿي اعظم سواتي سچو آهي؟ مريم نواز جي جيل ۾ واش روم اندر ڪيمرا لڳائڻ وڊيو ٺاهڻ جائز هو پر اعظم سواتي جي وڊيو ناجائز آهي؟ هارون طاهر لکيو ته وڊيو جنهن نمبر تان اماڻي وئي آهي حڪومت ان جو رڪارڊ ڪڍرائي، محسن عباسي مشاهدالله جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته مون کي پي ٽي آءِ وارن جا ڳوڙها هاڻ کان ئي نظر اچي رهيا آهن جنهن ڏينهن اوهان کي جيل وڃڻو پوندو اوهان کي به روئڻو پوندو ڪير ڳوڙها اگهڻ وارو به نه هوندو. حامد مير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هي سنجيده معاملو آهي، جيڪڏهن ان وڊيو کي غور سان ڏسو ته مختلف ٽڪرا جوڙي ٺاهي وئي آهي، اها جعلي وڊيو آهي، ان وڊيو جو فرانزڪ ٽيسٽ ڪرايو وڃي ته پتو پئجي ويندو ته اهو ڪمپيوٽر ورڪ آهي، جاچ اها ٿيڻ گهرجي ته هڪ جعلي وڊيو ٺاهي ڊارڪ ويب تي ڪنهن اپلوڊ ڪئي؟ نادر بلوچ لکيو ته سواتي جي ڪمري جي اندر جي وڊيو ڪنهن ٺاهي؟ باقي ٽڪرا جوڙڻ، مڪسنگ ڪرڻ اهو بعد جو مرحلو آهي، اعظم سواتي چوي ٿو ته چيف جسٽس موڪل تي هو ته صادق سنجراڻي کيس اتي ترسايو، هاڻي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته جج جي وڊيو نه ٺهي هوندي؟ بشير چوڌري لکيو ته ڳالهه اها ناهي ته وڊيو اصل يا جعلي آهي آهي ڳالهه اها آهي ته والدين جي وڊيو ڌيءُ کي موڪلي وئي آهي، ٿورو پيءُ ۽ ڀاءُ بڻجي سوچيو، سيم خان لکيو ته منهنجي دعا آهي ته خدا نه ڪري ڪنهن جي اهڙي وڊيو جاري ٿئي، سدره ڪنول لکيو ته سوال اهو آهي ته وڊيو اوهان تائين ڪيئن پهتي؟ ڊاڪٽر عائشه لکيو ته جعلي وڊيو مطلب وڊيو واري ڳالهه ڪوڙي آهي؟ حفيظ ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪئي ته اعظم سواتي سان همدردي آهي وڊيو بازي جي راند ختم ٿيڻ گهرجي، وڊيو جو هڪ حصو ان ڪمري جو آهي جتي چيف جسٽس اسٽي ڪندو آهي ۽ اتي کيس سينٽ چيئرمين سنجراڻي ترسايو هو، مشاهدالله جي وڊيو به ٻڌو، جنهن تي عبدالعزيز سومرو لکيو ته بلڪل،مصطفي کوکر سواتي جا ڳوڙھا اگھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي،مشاھدالله کي خبر ھئي ته ھنن سان به ھڪ نه ھڪ ڏينھن ائين ٿيڻو آھي.خليل ابڙو لکيو ته مشاهدالله خان وڏو باذوق پاليميٽرين هو، هن کي پاڪستاني سياست، توڻي اسٽيبلشمينٽ جي افعالن جي گهڻي ڄاڻ هئي، مونکي سندس ٻڌايل طويل نظمون، توڙي برمحل شعر ۽ انداز بيان ڏاڍا وڻندا هئا..انعام سيال لکيو ته مشاهد وارا ساڳيو ڪم ڪيو ويٺا آهن روئڻ جو اهو سلسلو اعظم سواتي تي ڪونه بيهندو، احمد نواز جتوئي لکيو ته معنيٰ هي هاڻي اپوزيشن وارن جي عورتن ۽ ڌيئرن پريشان ڪري روئاريندا، گهنشام ميگهواڙ پوسٽ شيئر ڪئي ته جڏهن ننڍن صوبن جي سياسي ورڪرن سان زيادتيون ڪيون وينديون هيون تڏهن اهي (وڏن صوبن جا سياسي اڳواڻ) انهي عمل تي خاموش تماشائي بڻايل رهيا… ۽ هاڻ جڏهن هنن سان ساڳيو رويو رکن ٿا ته ميڊيا آڏو اوڇنگاريون ڏئي دانهن ٿا..يوسف جوکيو عمران خان جو بيان شيئر ڪيو ته آئون پاڪستان پاران اعظم سواتي کان معافي گهران ٿو. جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان پي ٽي آءِ جي سياست سان اختلاف ڪري سگهون ٿا پر هي هڪ ڪِريل مجرماڻو فعل آهي اسان هن انتهائي شرمناڪ فعل جي شديد مذمت ڪريون ٿا، جيڪڏهن هڪ سينيٽر ۽ بزرگ شهري سان ايئن ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڪوئي به محفوظ ناهي، مون کي هن ملڪ جو شهري هجڻ تي شرم اچي ٿو، جنهن تي حميد لغاري، محسن نقوي، شيرين اسد، محمد اقبال موريجو، جئي پرڪاش موراڻي، غلام حيدر دائودپوٽو، ڊاڪٽر شميم مري، مصطفيٰ بلوچ، غوث جتوئي، فرينه مجاهد، يعقوب چانڊيو،راشد چٺه، رئوف پارس دايو به پوسٽ سان اتفاق ڪندي ان عمل جي  مذمت ڪئي، ساجد ميمڻ لکيو ته بلڪل متفق آهيون، پر اها ڳالھه سينيٽ ۾ تقرير ڪندي سينيٽر مشاهدالله انهن پي ٽي آءِ وارن کي چئي هئي ته اڄ جيڪي عقوبتون اوهان اسان سان ڪري رهيا آهيو، اهو ڏينهن پري نه آهي جو اهو سڀ ڪجھه اوهان سان ٿيندو ۽ اسان ئي هونداسين جيڪي اوهان جا ڳوڙها اگهنداسين..زنگيجو ستار وڊيوز شيئر ڪندي لکيو ته اڄ اعظم سواتي جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي منهنجي اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا ته  مون کي مشاهدالله هي اها ڳالهه ياد اچي وئي ته اسان اوهان جا ڳوڙها اگهنداسين، ڳوڙها اهي ئي اگهندا آهن جن جا ڳوڙها نڪتا هجن، اهي کلندا ناهن، توهان کي اندازو ئي ناهي ته اڳتي توهان سان ڇا ٿيڻ وارو آهي. جنهن تي شبير پياڪ لکيو ته اها سياسي ڏاهپ آهي، اسماعيل ڊومڪي لکيو ته مشاهدالله صحيح چيو هو، شبير سومرو لکيو ته ۽ اهو ڏينهن اچي ويو، روميصه ملڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اڄ جيڪڏهن مشاهدالله زنده هجي ها ته اعظم سواتي جا ڳوڙها ضرور اگهي ها، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اعظم سواتي جيڪڏھن سچ ٿو چوي تي ھي انتھائي ڪريل حرڪت آھي.اسان جي سياست آھي ان حد تائين پھچي وئي آھي جو ڪنھن کي به بدنام ڪرڻ لاءِ ڪجھه به ڪيو ٿو وڃي، سياست مان ھي بيھودگي ختم ٿيڻ گھرجي. عثمان پنهور لکيو ته شرمناڪ صورتحال آهي، محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اعظم سواتي سان سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اڄ جنهن حالت ۾ آهي ان ۾ اسان ساڻس گڏ آهيون. سارنگ منير اعظم سواتي جي اقتدار کان اڳ ۽ پوءِ واري وڊيو شيئر ڪئي، علي کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  پي ٽي آءِ سان لک اختلاف پر سينيٽر  اعظم سواتي سان جيڪو ناحق ڪيو ويو اهو تمام شرمناڪ عمل آهي سندس روئڻ واري ويڊيو ڏسڻ جي همت ئي نه ٿي.. سياستدان سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪيندا آهن  جنهن جو فائدو غيرجمهوري قوتن کي ٿيندو آهي ۽ غيرجمهوري قوتون سياستدانن کي مخالف سياستدانن لاءِ استعمال ڪندا آهن.. اقتدار جي نشي ۾ هجڻ جي ڪري سياسي مخالفن سان غيرجمهوري قوتن جي اشاري تي غيرانساني رويو اختيار ڪندا آهن ۽ اهو به ناهن سوچيندا ته اقتدار کسجڻ کانپوءِ غيرجمهوري قوتون ساڻن به اھڙو تذليل وارو رويو اختيار ڪري سگهن ٿا.. پي ٽي آءِ جي دور اقتدار ۾ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز کي قيد ڪري سندس واش روم ۾ ڪئميرائون لڳايون ويون هيون، رانا ثناءُالله جنهن لاڪپ ۾ بند هو ان ۾ کنڊ هاريو ويو جنھن جي ڪري لاڪپ ۾ ماڪوڙا نڪري ايندا هئا ۽ رانا ثناءُالله ڪنن ۾ ڪپھ وجهي سمهندو هو..  پي ٽي آءِ جي دور اقتدار ۾ نواز ليگ جي سينيٽر مرحوم مشاهد الله خان جي هڪ يادگار تقرير جنهن ان وقت پي ٽي آءِ جي اڳواڻن اڳيان سينيٽ ۾ ڪئي هئي جيڪي ڳالهيون هاڻي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي سامهون اچن پيون..جي اي قناسرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ اعظم سواتي جي زال ،ننهن ، پٽ ، پوٽا ۽ نياڻي پنهنجو اباڻو ملڪ ڇڏي آمريڪا هليا ويا آھن، پريسڪانفرنس ڪندي سڀ ڪجھ ٻڌائي اڇنگارون ڏيئي روئيندو رهيو، اسفنديار خان لکيو ته اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي ڏک آهي پر جڏهن اوهان طاقت ۾ هجو ته ٻين جي مائرن ڀينرن جي عزت جو به خيال ڪندا ڪريو. باسط سهندڙو، ساجد خان، لالا ذوالفقار جتوئي، صدام حسين، قاسم ٻگهيو، جان محمد پهوڙ، حاڪم مڱريو ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون.