پوسٽ اليڪشن، حالتون ٺيڪ نه ٿينديون

0
31
پوسٽ اليڪشن، حالتون ٺيڪ نه ٿينديون

 ڪنڊياري شهر جي مرڪز ۾ موجود مزدورن جي پڙيءَ ۾ ويٺل احمد عليءَ کي مسلسل ست ڏينهن ٿي ويا، پر ڪير به هن کي مزدوريءَ لاءِ وٺي وڃڻ لاءِ تيار ناهي. هن جي بقول: “هاڻي ته مزدوري به نه ٿي ملي، خالي هٿين گهر ويندي به شرم ٿو اچي.” ڪجهه ڏينهن اڳ احمد عليءَ جي ڳوٺ جو ماحول اليڪشن جي ڪري رنگين هو. وڏين گاڏين جا ڦيرا هئا. هاڻي اتي به خاموشي آهي. ڳوٺ جو پهاڪو ڳوٺ ۾ صادق اچي پيو ته ‘ڪم نڪتو، ڊکڻ وسريو.’

                 هڪ پاسي احمد علي ته ٻئي پاسي موري شهر جي هڪ درسگاهه ۾ برياني کپائيندڙ ان عورت جو درد لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن جو مڙس هن کي ڇڏي ويو آهي، جوان معذور پٽ، جيڪو ڪافي ڏينهن کان بيمار آهي، پر ايترا پئسا نه اٿس جو جوان ضعيف پٽ جو علاج ڪرائي سگهي. هڪ نهار گذريل سال گهر جي ڪنڊ ۾ پيل فرج ڏانهن ڏسي، سوچي ٿي ڇو نه ان کي وڪرو ڪجي. ڪجهه گهڙين لاءِ هن جي اڳيان نراس جي اونداهي ڇائنجي ٿي وڃي ٿي. اهو سوچي، هن جي اکين مان ڪوسا ڳوڙها وهڻ شروع ٿي وڃن ٿا ته، “رب سائين، هن جي ٻچڙي کي پيارو ڪري ڀلا، هن جون تڪليفون ختم ٿين!”

اهي ٻن شهرن جا ٻه الڳ معاملا آهن، جن سان ‘پو ڍاون’ جو ڪوبه تعلق ناهي. پيٽ ڀريل ماڻهو، ڪڏهن به خالي کيسي، خالي پيٽ جو درد نه سمجهي سگهندو! هي اهي سانحا آهن، جيڪي هاڻي روز جو معمول ٿي ويا آهن. ڏک وارن منظرن ۾ سڀ کان عميق درد هي آهي ته ڪا اميد به نظر نه ٿي اچي، نه ئي آسرو ته سڀاڻي ڪا چڱي خبر آڻيندو! اليڪشن ٿي، اليڪشن گذري به وئي، عام ماڻهوءَ کي ڇا حاصل ٿيو يا ڪهڙي اميد آهي؟ سواءِ ان جي ته هي سڄو تماشو ملڪ جي اشرافيه جي طرفان اقتدار جي رسا ڪشيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هاڻي جنهن جي نتيجن تي به ڪير راضي ناهي. ملڪ جي هر حلقي ۾ ڌانڌلين جون دانهون آهن. ان شور غوغاءَ ۾ عوام ڪٿي بيٺو آهي؟ ان جي ڪنهن کي به پرواه نه رهي آهي، نه رهندي! تصور ڪجي، جيڪو يقينن نظر به اچي پيو ته ملڪ جي وفاق ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پي.ڊي.ايم. ٽائيپ حڪومت جو قيام عمل ۾ اچي پيو. اها ئي ڌر، جيڪا گذريل 17 مهينا اقتدار جا مزا ماڻي، ملڪ جي عام ماڻهوءَ کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري وئي هئي، جي اهي نه ته پي.ٽي.آءِ. جا حمايت يافته آزاد ميمبر، جن جي ڪاڪردگي به ڏسي چڪا آهيون. پوڻن چئن سالن ۾ ڇا ٿيو؟ ڀلا ڪنهن کان وسريو هوندو!

پوسٽ اليڪشن اقتدار جو حصول اختيارن کي پاڻ ڏانهن سورڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، جڏهن هڪ طرف ملڪ شديد مالي مشڪلن ڏانهن وڌي پيو ته اتي دهشتگرديءَ جي راڪاس ٻيهر ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي. ان سڄي ماحول ۾ روزانه جي بنيادن تي مکيه ٽي.وي. چينلن تي ڪَجِ بحثي، سخت الٽيميٽم ۽ احتجاجن کانسواءِ ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. آمريڪا ۾ قائم ڏکڻ ايشيا جي معاملن تي گهري نظر وجهندڙ ولسن سينٽر جي ڊائرڪٽر مائيڪل ڪوگل جي موجب: پوسٽ اليڪشن جي بحران کي باقي مسئلن سان ڳنڍي ڏسي سگهجي ٿو. “هن وقت پاڪستان کي اهو چوڻ جي به گنجائش ناهي ته هي سياسي بحران هڪ اهڙو خلفشار آهي، جنهن مان پار پڄي وڃبو، ٻين لفظن ۾ صورتحال معمول تي اچي ويندي.” پاڪستان، جهڙي ريت معاشي تنگيءَ جو شڪار رهيو آهي، موجوده سياسي بحران هن کي اونداهيءَ غار ڏانهن ڌڪڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙي ماحول ۾ اليڪشن جي اڌ رات نجي چينل جي اليڪشن ٽرانسميشن ۾ فيصل واوڊا جون اهي ڳالهيون ننڊ ڦٽائڻ لاءِ ڪافي هيون ته، “ايندڙ حڪومت، چاهي پوءِ اها ڪنهن جي به هجي، قطعي طور بحرانن کي منهن نه ڏئي سگهندي. ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ڊالر اهڙو ته بي لغام ٿيندو، جو عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو.”

هڪ طرف اقتصادي صورتحال جو ديو ماڻهن جي رهيل وسيلن کي ڳڙڪائڻ لڳندو ته ٻئي طرف روز جي بنيادي تي ملڪ جي امن و مان جي صورتحال آهي، جيڪا خراب ٿيندي پئي وڃي. گذريل سال يعني 2023 جي انگن اکرن کي ڏسجي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي ساڍا پنج سئو حملا ڪيا ويا، جنهن ۾ سوين جانيون ضائع ٿيون، هن سال به اها رفتار گهٽ ناهي ٿي. اليڪشن کان اڳ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ جهڙي ريت ماڻهن کي رت سان وهنجاريو ويو، اها ڪا گهٽ ڳالهه ته نه هئي. صحافي ۽ سياسي معاملن تي نظر رکندڙ خاتون صحافي مهمل سرفراز انهن حالتن جو نقشو ڪجهه هن طرح ظاهر ڪيو آهي ته، “اليڪشن کانپوءِ سياسي عدم استحڪام، اهڙي صورتحال آهي، جيڪا نظام کي وڌيڪ خراب ڪري پئي. پاڪستان جو سسٽم تباهه ٿئي پيو ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان جي عوام يا سياستدانن جي لاءِ ڪڏهن به فائديمند نه هوندو.”

ملڪ ۾ هي حالتون ڪڏهن کان شروع ٿيون، ڪجهه ماهر ان کي 2014 سان ڳنڍين ٿا، جڏهن نواز شريف جي خلاف عمران پلس قادريءَ کي ريلين لاءِ تيار ڪيو ويو هو؛ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته سال 2018 ۾ ملڪ اڻ تجربيڪار  پي.ٽي.آءِ. جي حوالي ڪيو ويو، جنهن رهيل ڪسر ڪڍي ڇڏي، جڏهن ته ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي سال 2023 جي اپريل مهيني ۾ عمران کي حڪومت کان هٽائڻ کانپوءِ جي صورتحال ڏانهن دليل ڏين ٿا. اڪثريت جو خيال آهي ته اهي معاملا ملڪ جي وجود ۾ اچڻ سان شروع ٿي ويا هئا. ڪجهه وقت ته ڪنٽرول ۾ رهيا، پوءِ آهستي آهستي ظاهر ٿيندا ويا، تان جون اڄ جون حالتون پيدا ٿيون. هنن موجب ان سڄي عرصي ۾ بيورڪريسيءَ ۽ سياسي شعبدي بازن گڏجي، جهڙي ريت غير سنجيدگيءَ سان اقتدار جي ڪيڪ کي ٽڪرن ۾ ورهائي پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪيا، اڄ جا معاملا ان جا ‘آفٽر شاڪس’ آهن، جيڪي اڄ به جاري رهندا پيا اچن. ايترو سو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ اهڙي غير يقينيءَ جي صورتحال ڪڏهن به نه آئي هئي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ان سڄي معاملي کي معاشي حالتن سان جوڙي ڏسي رهيا آهيون.

پوسٽ اليڪشن کانپوءِ وفاق ۾ اڪثريت سان آيل پي.ٽي.آءِ حمايت يافته آزاد ميمبر، توڻي جو سرڪار نه جوڙي سگهندا، پر ‘پلڊاٽ’ جي اڳواڻ ۽ سياسي تجزيي نگار احمد بلال جو چوڻ آهي ته، “اهي آزاد ميمبر، عمران خان جي چوڻ تي نئين سرڪار کي آرام سان ويهڻ نه ڏيندا ۽ حڪومت جو پورو توجهه رڳو پاڻ کي بچائڻ طرف هوندو، جهڙي ريت پي.ڊي.ايم جي گذريل سرڪار ۾ پي.ٽي.آءِ اڳواڻ طرفان ڪيو ويو هو. هن موجب سياسي محاذ آرائيءَ جو گهڻو تعلق باني پي.ٽي.آءِ جي ذات سان آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به طرح سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هوندو.” پوسٽ اليڪشن جي ان صورتحال تي صحافي طلعت حسين جو چوڻ هو ته “اسان پهرين چيو هو ته جيڪڏهن چونڊون ٿي به وڃن ٿيون ته هي جهيڙو ان وقت تائين جاري رهندو، جيسيتائين سياسي جماعتون اهو فيصلو نه ٿيون ڪن ته آخر هنن جي حد ڪهڙي آهي. ملڪ ۾ جاري غير يقيني سياسي صورتحال کي ڪنهن سنجيده معاهدي کانپوءِ ختم ڪري سگهجي ٿو، پر اهو ڏکيو لڳي ٿو.”

نامياري سياسي تجزيه نگار مهمل سرفراز مطابق، “سياستدانن کي اهو سمجهڻو پوندو ته هو سياسي مخالف آهن، نه ڪي ذاتي ويري، اليڪشن گذري وئي، هاڻي معاملن کي سنڀالي اڳتي وڌڻو پوندو. هڪ ٻئي سان سياسي طور ربط رکڻو پوندو، جي هنن هاڻي کان ئي اهو نه ڪيو ته دير ٿي ويندي؛ نتيجي ۾ پورو نظام قائم نه رهي سگهندو.” اهي ڳالهيون ته سياستدانن جون آهن، پر عام ماڻهن جي ڏکن کي ڪير ڏسي، ڪنڊياري جي احمد علي ۽ موري جي ان مسڪين مائي کي ڪير سمجهائي ته “وڙهندا سانَ ته لتاڙبا ٻوڙا” ئي آهن. ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ سياستدانن ۽ آفيسرن کي ڪهڙي پرواهه، هتي ته هر نئون سج مسڪينن لاءِ نئين مصيبت کڻي ايندو آهي.