ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … ڌانڌلي زده اليڪشن، سنڌ جا سور ۽ تازي سياسي صورتحال

0
33
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... ڌانڌلي زده اليڪشن، سنڌ جا سور ۽ تازي سياسي صورتحال

 ھاڻ ان لاءِ ته ڪنھن به تاريخ جو حوالو ڏيڻ غير ضروري آھي ته پاڪستان جي ڪل ڄمار ۾ سواءِ ستر وارين چونڊن جي ڪا به اليڪشن شفاف ناھي ٿي ۽ ان اليڪشن ۾ شيخ مجيب جي مينڊيٽ کي قبول نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان ٻه اڌ ٿيو پر ھاڻوڪي 2024 واري اليڪشن سڄي 77 سالن جي عرصي جي بدترين ڌانڌلي واري ۽ بوگس اليڪشن ھئي، جنھن جي جعلي نتيجن کان پوءِ عالمي ميڊيا جا تبصرا ۽ ملڪ اندر پيدا ٿيل صورتحال کي ڏسي ھر ذي شعور ماڻھو پنھنجي پاڻي ۾ ٻڏي ٿو وڃي پر اسٽيبلشمنٽ کي پوءِ به ڪو ندامت جو احساس ناھي. اليڪشن ڪميشن چونڊن تي پنھنجي ڪارگردگي کي پاڻمرادو تسلي بخش قرار ڏئي رھي آھي. نگران وزير اعظم ڪاڪڙ ته چيو ته سوئيڊن ۾ اليڪشن جا نتيجا ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ايندا آھن. دراصل ھن اليڪشن ۾ اسٽيبلشمنٽ ھر دفعي وانگر پنھجا من پسند ۽ طئه ٿيل نتيجا ورتا آھن پر رابطن جي وڌندڙ ذريعن سوشل ميڊيا جي سگھ ۽ ھٿ سان ھارايل پارٽين جي اسٽينڊ کيس بند گھٽي ۾ ضرور آڻي بيھاريو آھي. مون پاڻ ھن اليڪشن ۾ ٺٽي ضلعي اندر مشاھدو پئي ڪيو. سڄي سنڌ وانگر ٺٽي ضلعي ۾ به پ پ کي کلي ڇوٽ مليل ھئي ته اھا جعلي ٺپا ھڻي بيلٽ باڪس ڀري هڪ اميدوار پنھنجي ھٿياربندن ذريعي سرِعام شھر جي پولنگ اسٽيشنن تي حملو ڪري مخالف اميدوارن جا ايجنٽ گم ڪرائي ڇڏيا. مخالفن جي حامين کي مارڪٽ ڪئي ۽ ڪوڙن ووٽن سان دٻا ڀريندو رھيو. ميرپور ساڪري ۾ به پ پ اميدوار جي حامين، مخالف اين اي اميدوار جا سمورا پولنگ ايجنٽ گم ڪري اندازن 70 پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري ڪوڙا ٺپا ھنيا، جتي ووٽ صرف 200 ڪاسٽ ٿيا. اتان پ پ اميدوار کي 1000 جي ليڊ ڏني وئي. اھڙي نموني ڪيترين پولنگ اسٽيشنن تان عورت ايجنٽن کي تذليل ڪري واپس روانو ڪيو ويو. رٿابندي تحت نيٽ ورڪ بند ھو، جنھن ڪري ووٽرن خاص طور پ پ مخالف اميدوارن کي وڏي پريشاني کي منھن ڏيڻو پيو. ڪيٽي بندر ويجھو ڳوٺ حسين جت ۾ قائم پولنگ اسٽيشن تي پنھنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ضلع ڪائونسل سجاول جي هڪ عهديدار ھٿياربند ماڻھن ۽ پوليس نفري سان گڏ پھچي ڪوڙا ٺپا ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اھڙي عمل کان روڪڻ تي ھن پريزائيڊنگ آفيسر تي بي رحماڻو تشدد ڪيو. پريزائيڊنگ آفيسر جي ٻانھن ٽٽي پئي. ور شھر ۾ پ پ جي حامين ن ليگ اميدوار جي حامي عورت ۽ مرد پولنگ ايجنٽن کي يرغمال ڪري ٺپا ھنيا. بيلٽ پيپر ڦاڙي اڇلايا. سڄي سنڌ ۾ ان قسم جي جڙتو ۽ ھٿ ٺوڪي اليڪشن ڪرائي وئي. بدين ۾ مرزا فيملي ۽ امير آزاد پنھور کي رات وچ ۾ نتيجا تبديل ڪري ھارايو ويو. سڪرنڊ ۾ زين شاهه جي کٽڻ جي خبر ھلي رھي ھئي، اڌ رات جو کيس ھارايو ويو. ٿر ۾ اراباب غلام رحيم ۽ شاھ ڪريم ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي کي رڪارڊ ڌانڌلين ذريعي شڪست ڏني وئي. اياز لطيف پليجي سان به ساڳيو ورتاءُ ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان جي اليڪشن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا. خبر ناھي ته معاشي طور تباھ ٿيل ۽ سياسي عدم استحڪام جو شڪار ھن ملڪ جي طاقتور اسٽيبلشمنٽ اڃان تائين سڌرڻ لاءِ تيار ناھي. اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ ٻن ڏينھن تائين ته ھارايل اميدوارن تي به سڪتو طاري ھو پر 12 فيبروري جي شام جي ڊي اي جي اجلاس کان پوءِ فنڪشنل ليگ جي سربراھ پير صاحب پاڳاري جي پريس ڪانفرنس سياسي افق تي گجگوڙ جھڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آھي. جي ايڇ ڪيو سان سندس والد جي وفاداري جو تذڪرو ڪندي ھن بنگال ٺھڻ جو ذميدار فوج کي قرار ڏيندي ڄڻ اھو نياپو ڏنو آھي ته حالتون “پوائنٽ آف نو رٽرن” طرف وڃي سگھن ٿيون. ساڳي وقت بارگينگ جو رستو ڪڍڻ لاءِ به ان جملي ۾ سنديس موجود آھي

سنڌ ۾ ھٿ سان پ پ کي کٽرايو ويو آھي.

درحقيقت ھاڻوڪي اليڪشن جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ ڳالھ اھا آھي ته ٽرن آئوٽ 20 سيڪڙو به مشڪل سان رھيو. عوام ھن نظام مان بيزار آھي. عام ماڻھو ھاڻ باخبر ٿي چڪو آھي ته اليڪشن شفاف ٿيڻي ناھي. جيڪي به ماڻھو چونڊجي ايندا، اھي ٿاڦيل ھوندا، ان ڪري عوام ووٽ پاليٽڪس ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني آھي. بقول پير پاڳاري جي ته اليڪشن جا نتيجا ٽي مھينا پھريان طئه ٿي چڪا ھئا ته پوءِ ھي سڄو ڊرامو ڇو رچايو ويو؟ صرف دنيا جي اکين ۾ سرمو پارائڻو ھو ته ڏسو اسين ھڪڙي جمھوري رياست آھيون. ھتي عوام پنھجا نمائنده پاڻ چونڊيندو رھي ٿو پر دنيا جا ادارا سڀ ڪجھ ڄاڻن ٿا. بي بي سي کان وٺي الجزيره ٽي وي تائين خابرو ادارن ڌانڌلي زده اليڪشن جا سڀ پردا چاڪ ڪري ڇڏيا. طاقتور ڌر پنھنجي نادانين جو کليل اعتراف ته نٿي ڪري پر نام نھاد جمھوريت پسند پارٽيون پاور جي جنگ ۾ سڀ اصول مول متا ۽ سياسي اخلاقيات اورانگھي اقتدار جي سيڙھي تي چڙھن ٿيون. کين حيف ھجي. خاص طور تي پ پ  ۽ ن ليگ کي ته اقتدار جي ويڙھ ۾ ڪجھ به ياد ناھي.

مغل بادشاھ بھادر شاھ ظفر کان تخت کسجڻ بعد سندس ڌيءَ ڪلثوم بيگم  لکي ٿي ته، “ڪو وقت ھو جو اسان جي اشاري سان درجن جا درجن ملازم نوڪر ۽ نوڪرياڻيون حاضر ھوندا ھئا پر زماني جي گردش اسان کي خوشين جي عرش تان لاھي ڏکن جي فرش تي آڻي ڦٽو ڪيو. … جنھن وقت انگريزن لال قلعي تي قبضو ڪيو تہ اسان قلعي ۾ پاڻ کي ڌاريو سمجھڻ لڳاسين. جسم ۾ ساھ نہ ھو، ڄڻ موت اچي ديرو ڄمايو ھو…. مون کي بابا گھرايو ۽ چيو، ڪلثوم بيگم! مون ھن وقت تو کي خدا جي حوالي ڪيو…. اگر قسمت ۾ ھوندو تہ وري ملنداسين، نه ته جيڪا مرضي رب ڪريم جي… جلد ڪر پنھنجي مڙس ۽ ٻارن کي وٺي ڪيڏانھن نڪري وڃ. ائين چئي مون کي دعائون ڏيڻ لڳو ۽ سندس ھٿ ڏڪي رھيا ھئا: اي منھنجا رب! ھي ٻچا تنھنجي حوالي ڪريان ٿو، جن عمر محلن ۾ گذاريو آھي، اڄ جھنگلن ۽ ويرانين ۾ وڃن ٿا. اڄ تو کان سواءَ ڪو چارو نہ آھي!… تيموري خاندان جي لڄ ھنن بي گھر عورتن جي آبرو ھاڻي تنھنجي وس ۾ آھي… ان کان بعد منھنجي مٿي تي پيار جو ھٿ ڦيريو ۽ ڪجھ پئسا ۽ زيور بہ ڏنا. اسان ڏاند گاڏيءَ ۾ ويھي ڳوٺ “ڪورالي” ۾ پھتاسين. اتي اسان کي ڳوٺ وارن ٻاجھريءَ جي ماني ۽ لسي ڏني جيڪا بک ۾ اسان کي شاھي خوراڪ کان سٺي لڳي. ڳوٺ جا ماڻھو اڻپڙھيل ۽ بي ادبيءَ سان پيش پيا اچن. اسان انھن کي ٻڌايو تہ بادشاھي گھراڻي جا آھيون پر اھي ٻڌي اڻ ٻڌي پيا ڪن. اسان جي خاندان جو ھڪ حڪيم ھو مير فيض علي، ان وٽ وياسين جيڪو اسان جو نوازيل ھو پر ان اسان کي سڃاڻپ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. اسان سفر ڪندي حيدرآباد دکن آياسين. اتان ڪن جي مدد سان مڪي پاڪ پھتاسين. اتي اٺ سال رھڻ کان بعد ھڪ سال بغداد شريف ھڪ سال ڪربلا معليٰ ۾ رھياسين. ايتري عرصي ۾ وطن جي سڪ ڏاڍي لڳي. وطن ورڻ لاءَ اکيون آتيون ھيون ۽ پوءَ دھلي روانا ٿياسين ۽ منزلون ڪندا دھلي پھچي وياسين. دھليءَ پھچڻ کان بعد انگريز سرڪار اسان تي ترس کائي ڏھ رپيا پينشن مقرر ڪئي. ان تي کل بہ ڏاڍي آئي تہ پورو ملڪ ھندستان اسان جو ۽ اڄ اسان لاءَ صرف ڏھ رپيا…! وري اکين ۾ پاڻي اچي ويو تہ ملڪ اسان جو نہ پر ان خالق اڪبر جو ھو آھي ۽ رھندو. ان اسان کي امانت ۾ ڏنو. جڏھن اسان امانت سنڀالي نہ سگھياسين تہ ان امانت تہ کسي پر بدديانتي جي سزا بہ ڏني، جيڪا اسان خوشي يا ناخوشي قبول ڪرڻي پوندي.”

ان مان ثابت ٿيو ته عوام جي احساسن کي لتاڙي جعلسازي ڪري آمريت جي اگھاڙي تلوار سان قومن جا سينا چٿي حڪمراني جو تخت حاصل ڪرڻ فتح ناھي، پاڪستان 1940 جي قرارداد تحت ھڪڙو وفاق ھو، جنھن ۾ سنڌ رياست ٿيڻي ھئي. سمورن فيصلن کي ريٽي پنجاب ملڪ جو اڪيلو والي وارث ٿي ويھي رھيو. سنڌ جي رياستي حيثيت توڙي صوبائي حيثيت ختم ڪري ڇڏي. سدائين ڪوڙيون اليڪشنون ڪرائي عوام سان حق تلفي ڪندي راتاھو ھنيو ويو. اڄ سنڌ مڪمل طور محڪوم بڻيل آھي سنڌو درياھ تي قبضو آھي. تيل گيس ڪوئلي تي ڌرتي ڌڻين جو ڪو حق تسليم نٿو ڪيو وڃي. سنڌي زبان خطري ھيٺ آھي. غير ملڪين جي يلغار آھي. پ پ يا ڪنھن به مرڪز پرست پارٽي وٽ سنڌ لاءِ ڪجھ ناھي. سنڌي ماڻھن کي پنھجي ڌرتي بچائڻ لاءِ قومي بنيادن تي متحد ٿي جھدوجھد ڪرڻي پوندي. تاريخ ضرور سنڌين جي پيدائشي حق ۾ پاسو بدلائيندي.