محبتن جو عالمي ڏينهن!

0
40
محبتن جو عالمي ڏينهن!

14 فيبروري جو ڏينهن هونئن ته عيسائي مذهب جي پيروڪارن لاءِ مذهبي ۽، ثقافتي ڏينهن آهي پر هي ڏينهن اڄ سموري دنيا ۾ محبت جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي! تاريخ موجب، هن ڏينهن 3 صدي عيسوي ۾ سينٽ ويلنٽائين کي رومن بادشاهت ڦاهيءَ تي لٽڪايو هو. قيد جي ڏهاڙن ۾ کيس جيلر جي انڌي ڌيءَ سان عشق ٿي ويو. شايد انهيءَ ڪري اهو محاورو وجود ۾ آيو ته، “محبت انڌي ٿيندي آهي”. جنهن مهل سينٽ ويلنٽائين کي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ لاءِ نيو پئي ويو ته هن پنهنجي محبوبه ڏانهن پيار ڀريو خط لکيو! تنهن ڏينهن کان ان خط جي ڪري سندس شهادت جو ڏينهن مذهبي ڏينهن بجاءِ محبت جي ڏينهن جي مناسبت سان ياد رکيو ويندو آهي ۽ نياپن سنيهن ذريعي محبوب سان دل جو حال اوريو ويندو آهي.

                 تاريخ جي ورقن کي ورائڻ سان محبت جا عظيم داستان ملن ٿا. ڌرتيء سان، آدرش سان محبت جا عظيم داستان رقم ٿيل آهن، جن تي قلم جنبش ۾ اچي وڃي پر اڄ هڪ وڪيل هئڻ ناتي ڪورٽ ڪچهرين سان لاڳاپيل محبت جي داستانن منجهان هڪ اڌ هتي به ونڊ ڪريون ٿا.

هڪ همراھ کي ڀر واري گهٽيءَ جي عورت سان محبت ٿي وئي. سا گهٽي هڪ طرف کان بند هئي. عورت همراھ کان محبت کي راز رکڻ لاءِ قول اقرار ورتا ۽ ملڻ لاءِ به رات جي اونداهيءَ کي منتخب ڪيو. همراھ روز رات جو ساڻس ملڻ ويندو هو. هڪ رات ڪنهن ڀر واري گهر ۾ چور گهڙي آيو. ڀاڳيا جاڳي پيا ۽ چور کي هٿيڪو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ چور هٿان هڪ ڀاڳيو قتل ٿي ويو. ڀاڳين جي دانهن ڪوڪن تي اوڙي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا. چور ته پنهنجن ٺهيل گسن تي گم ٿي ويو پر ان همراھ لاءِ نڪرڻ مسئلو ٿي ويو، جو هڪ پاسي کان گهٽي بند هئي ته ٻئي پاسي خلق جمع هئي. کيس نڪرڻو به هو سو الله توهار ڪري ٻاهر نڪتو. گهٽيءَ وارن کيس اوپرو ڀانئي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. پوليس کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ۽ مٿس خون جي فرد جرم عائد ڪئي وئي. سيشن ڪورٽ کيس ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي. هن سزا خلاف اپيل داخل ڪئي! هاءِ ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻيءَ دوران کانئس پڇيو ته جي تو خون نه ڪيو آهي ته پوءِ ان رات تو ان گهٽيءَ ۾ ڇا پئي ڪيو!؟ هن وراڻي ڏني ته اهو مان نٿو ٻڌائي سگهان! هاءِ ڪورٽ پنهنجي ماتحت سيشن ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو. کيس جيل جي ڦاسي گهاٽ ۾ رکيو ويو. جيل ۾ قيدين جي ماجرا راز نه رهندي آهي، سو جيل سپرنٽنڊنٽ هڪ ڏينهن کانئس پڇيو ته ڦاسيءَ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ان عورت جو نالو ته ٻڌائي وڃ! جنهن تي هن چيو ته جي مون کي نالو ٻڌائڻو هجي ها ته هاءِ ڪورٽ جي جج کي ٻڌائي سزا کان نه بچي وڃان ها! هاڻ ته اهو راز مون سان گڏ مرڻ گهڙي تائين رهندو! ڪجهه ئي ڏينهن ۾ کيس ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. عاشق پنهنجي محبوب جو راز رکندي قربان ٿي ويو!

ڦوھ جوانيءَ ۾ محبت جي اڇل به ڀروسي لائق ناهي. هڪ هندو ناريءَ کي مسلمان استاد سان ڦوھ جوانيءَ ۾ محبت ٿي وئي. استاد کي اچي پاسو ڏنائين ته مون کي هتان ڀڄائي هل. استاد مٿس ڀروسو ڪيو ۽ کيس آڌيءَ رات جو ڀڄائي ڏورانهين شهر وٺي ويو. جتي ڇوڪريءَ اسلام قبول ڪندي استاد سان نڪاح ڪيو. ٻئي گڏ گذارڻ لڳا. پٺيان ڇوڪريءَ جا مائٽ کيس ڳولهيندا وٽن پهچي ويا. پوليس پنهنجي حدبندين جا معاملا اڪلائي جوڙي کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ڇوڪريءَ دانهون ڪندي کيس مڙس حوالي ڪرڻ جو چيو پر جج صاحب هڪ نه ٻڌي ۽ کيس والدين جي حوالي ڪيو. ڇوڪري ماءَ جي ڳوڙهن سان رجي وئي ۽ بيان ڦيري پيءُ ماءَ جو پڙهايل پاٺ اوريائين ته استاد کيس گهر ۾ گهڙي وات ۾ ڪپڙو وجهي زبردستي اغوا ڪري حبس بيجا ۾ رکيو. عدالت استاد کي 3 سال سزا جو حڪم ڏيئي جيل موڪلي ڇڏيو.

هڪ پريمي جوڙو نڪاح ڪري تحفظ لاءِ ڪورٽ ۾ پهتو. ڇوڪريءَ جي مِٽن کي ڪا خبر پهچي وئي، سي اچي عورتين مردين ڪورٽ پهتا. ڪورٽ سڳوريءَ تحفظ ته ڏنو پر جوڙي لاءِ ٻاهر نڪرڻ محال ٿي ويو. ٻي ڪا واھ نه ڏسي هو جيئن ٻاهر نڪتا ته ڇوڪريءَ جي ماءُ، ڌيءَ کي چنبڙي زارو قطار روئڻ لڳي. ٻئي طرف نوجوان ٻن چنبن ۾ ڊهي پيو. ڇوڪريءَ کيس چيو ته تنهنجي ڪري مان سر تريءَ تي رکيو اٿم ۽ تون نظرون ٿو چورائين! ڇوڪريءَ جي مهڻي ڪم ڏيکاريو ۽ وڪيل جي ڪوششن سان کين پوليس ڪسٽڊي ۾ محفوظ هنڌ تائين پهچايو ويو !

هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل،

نه ڪا جهل نه پل، هر ڪو پسي پرينءَ کي.

جيتوڻيڪ پيار جي پرڻن جي معاملي ۾ عدالت سڳوريءَ جو رجحان اتساهڪ نه آهي ۽ اڪثر جوڙن کي جدا ڪري ڇوڪرين کي والدين حوالي ڪيو ويندو آهي، پر پوءِ به پريمي جوڙن جي ڀڄي والدين جي راضپي کان سواءِ شادين جو عمل بيهندي نظر نٿو اچي. يقينن عدالتن جي اهڙي حڪمت پٺيان به هڪ ڏاهپ آهي ته جيئن سماج ۾ سک ۽ شانتي قائم رهي پر عدالتن کي انهن ڇوڪرين جي اڳتي لاءِ سماجي زندگي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ به ڪي جوڳا اپاءَ ضرور وٺڻ گهرجن!

اڄ محبت جي متوالن کي ڀٽائيءَ جي بيت جي ڀيٽا ته ٺهي ٿي:

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.