تماش گاهه … چونڊن سان لاڳاپيل معاملن کي ترت حل ڪرڻ گهرجي

0
40
تماش گاهه ... چونڊن سان لاڳاپيل معاملن کي ترت حل ڪرڻ گهرجي

 8 فيبروري جي عام چونڊن جا نتيجا عام ماڻهن کان وٺي وڏن وڏن سياستدانن لاءِ، مطلب ته سڀني لاءِ حيران ڪندڙ آهن ته جيل ۾ قيد سزا يافته سياسي اڳواڻ عمران خان سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي حمايت يافته اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي. جواب ۾ ماڻهن عملي طرح ٿنڀن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرائي ڇڏيو. نه ڪي جلسا ٿيا، نه اميدوارن جي ڪئمپين هلي سگهي. نشان به هر اميدوار جو الڳ الڳ هو. هڪ جماعت سان وابستا اميدوارن جا الڳ الڳ نشان. ڪن کي ٽي شرٽ، ڪن کي رڍ، واڱڻ، چمٽو، بوتل وغيره وغيره نشان ڏنا ويا هئا. اليڪشن ڪميشن جو چيف ماڻهن کي بيوقوف سمجهي رهيو هو ته اهي انهن نشانن جي چڪر ۾ مونجهارن ۾ ڦاسي پوندا پر ماڻهن ضرورت کان وڌيڪ ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو ۽ انهن جي سمورين اٽڪلن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

                 نتيجن جي لحاظ کان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوارن جو تعداد سڀني سياسي جماعتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. آخري ڳڻپ تائين 266 جي مقابلي ۾ آزاد اميدوارن جو تعداد 100 کان به وڌيڪ آهي. (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو تعداد انهن کان گهٽ آهي. ايڏي وڏي تعداد ۾ اميدوارن جي ڪاميابيءَ جو يقين ته ممڪن آهي ته خود عمران خان کي نه هجي. اهڙي ريت 1970ع ۾ پيپلز پارٽي جي سربراهه ذوالفقار علي ڀٽي کي به سندس ايڏي وڏي ڪاميابيءَ جو يقين نه هو. ڀٽي 30 کان 35 سيٽن تي ڪاميابيءَ جو اندازو لڳايو هو. چونڊن جا نتيجا ظاهر ٿيڻ کانپوءِ حڪومت سازيءَ جون ڪوششون تيز ٿيون. هاڻوڪين چونڊن ۾ اڃان نتيجا مڪمل نه ٿيا هئا ته پيپلز پارٽي جو سربراهه آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ لاهور پهچي ويو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آئي آهي. اها سنڌ ۾ هڪ ڀيرو وري ٻئي ڪنهن جي شرڪت کانسواءِ حڪومت جوڙڻ جي پوزيشن ۾ آهي. (ن) ليگ طرفان نواز شريف جي آصف زرداريءَ سان ملاقات بدران ان جي ملاقات شهباز شريف سان ڪرائي وئي. ملاقات ۾ ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو ۽ ڳالهيون جاري رکڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو. نواز شريف پاڻ وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش رکي ٿو پر پيپلز پارٽي بلاول ڀُٽي کي وزيراعظم بنائڻ جي قرارداد منظور ڪري چڪي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري حڪومت سازيءَ لاءِ سياستدان جي ڊوڙ ڊڪ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مخلوط حڪومت نه پر قومي حڪومت ٺهندي. پنهنجو خيال ظاهر ڪندي هن چيو ته قومي حڪومت جڙڻ گهرجي. ڪابه حڪومت اڪيلي سر مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. جهڙي ريت چونڊون ٿيون آهن، حالتون سڀني جي سامهون آهن. آسٽريليا ۽ آمريڪا سميت سڄي دنيا چونڊن تي سوال اٿاريا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي ناهي، اها قانوني ۽ آئيني طور تي پنهنجو فيصلو ڪري سگهي ٿي. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي پنهنجي طور تي آزاد حيثيت تي چونڊجي آيل ميمبرن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو. آزاد حيثيت ۾ چونڊجي ايندڙن ۾ عمران خان جا حمايت يافته آهن ۽ اهي اهڙا اميدوار آهن، جيڪي پنهنجي ذاتي حيثيت سان ڪامياب ٿيا آهن. عمران خان جن جي حمايت ڪئي، انهن جي لسٽ باقاعدي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرائي هئي. پوءِ هڪ ڪامياب اميدوار وسيم قادر نواز ليگ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن تي ان جي تڪ جي ووٽرن هنگامو کڙو ڪري ڇڏيو. ان جي گهر جي ٻاهران رات جي وقت مظاهرو ڪيو ويو. جواب ۾ ان کي پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪرڻو پيو ته هو عمران خان جون هدايتون مڃڻ جو پابند آهي. لطيف کوسا، جمشيد دستي جي حوالي سان پڻ خبرون وائرل ٿيون ته، “ٻئي پيپلز پارٽي کي پيارا ٿي ويا”. تحريڪ انصاف جي ذريعن جي دعويٰ آهي ته انهن خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي. مطلب ته اڃان تائين هڪ مونجهارو آهي ته عمران خان جي حمايت سان ڪامياب ٿيندڙ ڪيڏانهن ويندا؟ اليڪشن قانون تحت آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيندڙ ميمبرن کي ڪاميابيءَ جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به سياسي جماعت ۾ شامل ٿيڻو هوندو آهي. اهي خبرون آهن ته اليڪشن ڪميشن کي حتمي نتيجن جو نوٽيفڪيشن 22 فيبروري تائين جاري ڪرڻو پوندو. ٽن ڏينهن اندر (23، 24، 25 فيبروري) آزاد اميدوار سياسي جماعت سان سلهاڙجڻ جو اعلان ڪندا. ڪيترن ئي تڪن ۾ نتيجن کي تڪراري قرار ڏئي تسليم نه ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ، هاءِ ويز تي ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سنڌ جي معروف ۽ طاقتور گادي نشين پير پاڳاري ته 16 فيبروري تي هاءِ وي تي ڌرڻي جي هدايت به جاري ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن اها صورتحال 1977ع جهڙي ٿي رهي آهي ته ان جا نتيجا بهتر نه نڪرندا. 1977ع ۾ اهڙي صورتحال جي نتيجي ۾ هڪ مرحلي تي جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪيو هو ۽ هو 11 سالن تائين، جهاز واري حادثي پيش اچڻ تائين ملڪ جي صدر جي حيثيت سان موجود رهيو هو. موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي ڪنهن به ريت جسٽس سجاد جهڙو 1977ع جو چيف اليڪشن ڪمشنر ثابت نه ٿيڻ گهرجي. بنا ڪنهن دير جي اليڪشن ڪميشن جو اجلاس سڏائڻ گهرجي ته جيئن متاثر ماڻهن کي مطمئن ڪري سگهجي، پر ان مائينڊ سيٽ جو ڇا ڪري سگهجي ٿو! انتخابي عذردارين جي درخواستن جي ٻڌڻي جي موقعي تي سنڌ مان ڪميشن جي نامزد ميمبر نثار دراني چيو ته، “جيڪو هارائي ويو، اهو جشن ملهائي رهيو آهي، ۽ جيڪو کٽي ويو اهو ڌانڌليءَ جا الزام لڳائي رهيو آهي. اهڙو رويو ڪيستائين هلندو؟”

1970ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ به نتيجن کي تسليم نه ڪيو ويو هو. عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان ته هڪ بيان ۾ ايتري تائين به چئي ڇڏيو هو ته، “باهه سان نه کيڏيو، نتيجن کي تسليم ڪريو”. عوامي ليگ اوڀر پاڪستان مان قومي اسيمبليءَ جي 162 مان 160 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هئي. اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو 81 سيٽون حاصل ڪيون هيون پر اقتدار منتقل نه ڪرڻ جي ڪري لڳاتار سازشون ٿيون ۽ شيخ مجيب کي گرفتار ڪيو ويو. گهرو ويڙهه ٿي ۽ ملڪ ٽُٽي ويو. اقتدار اولهه پاڪستان کي پاڪستان قرار ڏيئي ڀُٽي جي حوالي ڪيو ويو. چونڊ نتيجن کي تسيلم نه ڪرڻ جي ڪري ئي ته پاڪستان ماضيءَ ۾ وڏو نقصان برداشت ڪري چڪو آهي. ملڪ جي وڏي آباديءَ جو علائقو ان وقت اوڀر پاڪستان هو، جيڪو گهرو ويڙهه جي ڪري پاڪستان کان ڌار ٿي ويو هو. ڀارت جي جنگي مداخلت پاڪستان کي تمام گهڻي مهانگي پئي. ڀُٽي دهشتگردي ۽ ملڪ ٽوڙڻ جي الزام ۾ گرفتار مجيب الرحمان کي آزاد ڪري ڇڏيو، جيڪو بنگلاديش وڃي پنهنجي ملڪ جو صدر بڻجي ويو.

هن وقت به ان مطالبي به زور پڪڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته چونڊون نئين سر ڪرايون وڃن. پولنگ اسٽيشنن تي موجود پرزائيڊنگ آفيسر جي جاري ڪيل فارم-45 مطابق ڪامياب اميدوارن جي شڪايتن جو تدارڪ ڪيو وڃي ۽ انهن کي رٽرننگ آفيسر طرفان فارم-47 جاري ٿيڻ گهرجي. اهو پڻ طئي ٿيڻ گهرجي ته فارم-45 ۾ ڏنل انگ اکر درست ۽ حتمي آهن. شڪايتن جو فوري تدارڪ ضروري آهي ته جيئن ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس باقر نجفي فيصلو ڏيئي چڪو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فارم-45 ۾ درج تفصيل ئي حتمي تصور ڪيا ويندا ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن نتيجا ڏيڻ جو پابند آهي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ نعيم الرحمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، “اڳ ۾ ئي چيو هو ته جيڪو کٽي ان کي کٽڻ ڏيو، جيڪو هارائي ان کي هارائڻ ڏيو. منهنجي کٽيل سيٽ تي فارم-45 مطابق پي ٽي آءِ کٽي آهي،  تنهنڪري پنهنجي ضمير ۽ جماعت جي اخلاقي روايتن مطابق پنهنجي صوبائي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو ۽ اها گهر ڪريان ٿو ته اسان کي سموريون کٽيل سيٽون واپس ڪيون وڃن”. سنڌ جي سياستدان اياز لطيف پليجي جو چوڻ آهي ته بوگس اليڪشن ملڪ کي بحران ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جا انتهائي هاڃيڪار نتيجا نڪرندا. فوت ٿيل ووٽر پولنگ اسٽيشنن ۾ ٻاهر آيا. قبرن تي وڃي ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هر عورت کان 10-10، 15-15 ووٽ ڏياريا ويا. غير معياري مس جو استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته هو نتيجن کي نٿو مڃي. بوگس اليڪشن ملڪ کي وڌيڪ بحران ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جا نتيجا انتهائي هاڃيڪار ٿيندا. تحريڪ انصاف جا ذريعا پڻ الزام هڻن ٿا ته ملڪ ۾ حڪمرانيءَ لاءِ پي ڊي ايم جو نئون ايڊيشن مڙهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ان نئين ايڊيشن ۾ (ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪيو ويندو.