سنڌ جو ‘ميڪياولي’

0
87
سنڌ جو ‘ميڪياولي’

 پندرهين صديءَ ۾ اٽليءَ جي مشهور سياسي فلسفي ‘نڪولو ميڪياولي’ سياست ۾ هر قسم جي منفي روَيي، سياسي اخلاقيات ۽ اصول پسندي کي رد ڪرڻ جو هڪ عجيب سياسي نظريو پيش ڪيو. ميڪياوليءَ سياست ۾ مصلحت، سازش، منافقت، ٺڳي سميت هر ڪُڌي ڪم کي حڪمت عملي جو نالو ڏنو. سندس چوڻ هو ته سياست جو مقصد اقتدار تائين پهچڻ آهي ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ان کي قائم رکڻ لاءِ هر جائز ناجائز عمل ٺيڪ آهي. ميڪياوليءَ جو اِهو ‘سونهري نظريو’ دنيا جي ملڪن مان ٿيندو، سنڌ ۾ اچي گھر ڪري ويهي رهيو ۽ ميڪياوليءَ جي روح کي “نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي” ۾ سڪون نصيب ٿيو.

                 مُلان کان ڪنهن پڇيو ته، “مولوي صاحب، ڏي خبر ڪڏهن حرام کاڌءِ؟” سوچي سوچي جواب ڏنائين: “هائو ٻيلي هڪڙي ڀيري برسات سبب مسجد تائين پهچي نه سگهيس، اُن ڏينهن گھر جي ماني کاڌي، باقي خدا واحد شاهد آ، ان کان سواءِ مجال آ جو ڪڏهن حرام جو گرهه کاڌو هجي”. سو پيپلز پارٽي وارن پندرنهن سالن ۾ نگران حڪومت وارن ڏينهن ۾ گھران کاڌو آهي، باقي ڪڏهن حرام نه کاڌو اٿائون. نگران سيٽ اَپ وارا ٻه ٽي مهينا ڏکيا سکيا گذري ويا. سنڌ ۾ پندرنهن سالن کان بادشاهي ڪندڙ ۽ گهران کائيندڙن جي نيٺ الله ٻڌي ۽ خدا خدا ڪري اسڪرپٽ موجب اليڪشن جو ڊرامو به پڄاڻيءَ تي پهتو. ڊرامي جي ڊائريڪٽر ڪمال جو اسڪرپٽ لکيو. مجال آهي جو ڊرامي جا اداڪار، هدايت ڪار، ميڪ اَپ آرٽسٽ سميت ڪوبه ماڻهو پنهنجي پنهنجي مليل ڪردار کان ذري برابر به هيڏي هوڏي ٿيو هجي. پ پ سنڌ مان 84 سيٽون کنيون، جڏهن ته محترما جي شهادت واري اليڪشن ۾ پ پ 69 سيٽون کنيون هيون. من پسند نتيجن کان پوءِ هڪٻئي گاريون ڏيڻ وارا اقتدار جي ديڳ تي گڏجي ويا آهن. “ناني” ورهائڻ واري “ڏوهٽا” کائڻ وارا.

سنڌ ۾ GDA جي اتحاد هيٺ پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرستن کي بُري شڪست ڏني وئي آهي. نيشنل توڙي انٽرنيشنل ميڊيا ۽ اليڪشن کي مانيٽر ڪندڙ بين الاقوامي ادارن پاران اليڪشن جي شفافيت تي سوال جو نشان لڳايو ويو آهي. پاڪستاني اليڪشنون ڪيئن ٿينديون رهيون آهن، اهو هڪ کليل راز آهي. پاڪستاني تاريخ ۾ ڪا به اليڪشن فيئر نه ٿي آهي، سواءِ 70ع واري اليڪشن جي، جنهن ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ اهو طئي ڪيو ويو ته ملڪ جي “وسيع تر مفاد” خاطر هر ڀيري اليڪشنز کي “مينيج” ئي ڪرڻو پوندو.

هزار اختلافن جي باوجود، ان ڳالهه کي مڃڻ ۾ ڪا به قباحت ناهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي جوهر ۾ هڪ سياسي پارٽي آهي، جيڪا ڪنهن به طاقتور ڌُر پاران هائبرڊ نه ڪئي وئي آهي، بلڪه سيڪيولر ۽ پروگريسِو بنيادن تي وجود ۾ آئي ۽ ڪنهن زماني ۾ هي هڪ ملڪ گير عوامي پارٽي هئي ۽ هڪ دؤر هو جو چوندا هئا ته پ پ اگر ڪنهن ٿنڀي کي ٽڪيٽ ڏئي ته اُهو به کٽي ويندو. پوءِ اهو زمانو پڄاڻيءَ تي پهتو. ڀُٽي صاحب جي شهادت سان پيپلز پارٽيءَ جون ڪيتريون چڱايون به شهيد ٿي ويون. ٿوري گھڻي سياسي اخلاقيات ۽ اصول پسندي محترمه جي دؤر تائين باقي رهي، ان جي شهادت سان ان پارٽيءَ جو سمورو نظرياتي اثاثو شهيدن سان گڏ ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويو.

ان کان پوءِ ‘سنڌ جو ميڪياولي’ ميدان ۾ لٿو. محترما جي چاليهي جي موقعي تي ڪاري ويس جي سوڳ ۾ شهيد محترما جي وصيت جو پنو ڏيکاريو ويو ۽ سياست جي نئين دؤر جي شروعات ڪئي وئي. ان نئين فارمولي هيٺ بار بار اقتدار جي عياشي ڪئي وئي. سنڌ جي ميڪياوليءَ کي سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين وفاقي ادارن ۽ بلڊر مافيائن جي حوالي ڪرڻ، سنڌ جي ٻيٽن، جبلن ۽ ڍنڍن کي نيلام ڪرڻ، سنڌ جي ڪوئلي، تيل، گئس ۽ معدني وسيلن جي لٽ مار تي خاموشي اختيار ڪرڻ، سنڌو درياهه تي پاڻيءَ تي ڌاڙي تي خاموش رهڻ، افغانين ۽ ڌاري آبادڪاري کي سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ ۾ سهولتڪاري ڪرڻ، آدمشماريءَ ۾ ڳڻپ دوران ۽ ڊجيٽل هيرا ڦيري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ سهولتڪاري ڪرڻ، اين ايف سي ايوارڊ سميت مالياتي ورڇ جي هر ڊاڪيومينٽ تي اکيون ٻوٽي صحيون ڪرڻ ۽ اهڙي قسم جون ٻيون سروسز ڏيڻ جي عيوض هر ڀيري  “اقتدار جي گفٽ” ملندي رهي.

ٻه ڏينهن اڳ نصير ميمڻ جو اليڪشن ۾ پ پ جي کٽڻ ۽ قومپرستن جي هارائڻ جي حوالي سان ڪالم پڙهيوسين، جنهن ۾ هُن هارائيندڙن کي ڪارائتيون صلاحون ڏنيون آهن. پ پ جي جڳ مشهور مفاهمت واري سياست کي ٿائلينڊ ۽ ميانمار جي مثالن ذريعي، نصير ميمڻ انتهائي باريڪ بينيءَ سان مڃيو آهي ته انهن کي اقتدار ڪيئن ملندو رهيو آهي. ڪالم ۾ هُن اسٽيبلشمينٽ سان “هڪ تعلق” جوڙي پنهنجي حق ۾ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ، مٿئين سطح جي اقتداري بارگيننگ ۽ جوڙ توڙ جي مبهم اصطلاحي ٻوليءَ ۾ اُها ئي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا قومپرست شروع کان چوندا رهيا آهن. ڪالم ۾ هڪڙي ڳالهه عجيب آهي ته، “پارلياماني سياست ۾ اڌ صديءَ جو تجربو رکندڙ پيپلز پارٽيءَ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ به کاڌو آهي.” ان ٽڪراءَ جا ڪجهه تفصيل هجن ها ته ڳالهه مڪمل ٿي وڃي ها. پ پ جي اڌ صديءَ جي سياست جو ڪهڙو سال ڳجهو آهي. 71ع ۾ شيخ مجيب جي عوامي مينڊيٽ تي بدترين ڌاڙو لڳو ته ان جو وڏي ۾ وڏو فائدو ذوالفقار ڀُٽي کي ڏنو ويو، جيڪو هُن خوشيءَ سان قبول ڪيو. ان کان پوءِ محترما آمرن سان ڊيل ڪري اين آر اوز وٺي اقتدار وٺندي رهي. ها باقي پ پ جي “ڏي وٺ ڪرڻ جو هنر به سکي وٺڻ” واري ڳالهه سان متفق ٿي سگهجي ٿو.

پ پ جي سنڌ دشمن سياست ڪا هيگل واري جدليات جي ٿيوري ناهي، جيڪا سمجهه ۾ نه اچي. سنڌ جي ميڪياوليءَ جي سياست سمجهڻ لاءِ ڪنهن نام چومسڪيءَ جي ليڪچر جي ضرورت به ناهي، هاڻي اهو هڪ عالم آشڪار کليل سچ بڻجي چڪو آهي. پ پ جا همدرد دانشور عجيب غيرمنطقي دليل ڏيندا آهن. دوست چند اسپتالن جي ٺهڻ کان ڳالهه شروع ڪندا آهن ۽ ۽ ارڙهين ترميم جي عظيم قلعي جي فتح تي ختم شد ڪندا آهن. ‘سنڌ ۾ پ پ جو متبادل ناهي’ وارو اشتهار به انهن دانشورن جو پراڊڪٽ آهي.

ڪجهه سادڙا فقير منش وري پ پ جي في سبيل الله ونگار ٿا وهن، مطلب ‘کايا پيا ڪڇ نهين، گلاس توڙا، باره آنا’. ڪالهه کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ هڪ پڙهئي لکئي، سمجهدار ۽ نظرياتي ڪارڪن سان اليڪشن جي نتيجن بابت ڪچهري ٿي. پيارو ان راءِ جو هو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ناهي ٿي، بلڪه پيپلز پارٽيءَ کي شهيدن جو ۽ پارٽيءَ جو ووٽ مليو آهي ۽ قومپرستن کي سنڌ جو عوام مينڊيٽ ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي. پياري دوست جي راءِ پي ٽي وي جي سرڪاري موقف جي عين مطابق هئي. ماسڪو جي موت کان پوءِ سُرخن جي سياسي بصيرت سطحي بڻجي وئي آهي، ڇو ته انهن جي اڪثريت ملان مولوي بڻجي وئي ۽ باقي جيڪا سنگت بچي، اُهي هروڀرو پيپلا بڻجي ويا آهن. هونءَ به سُرخا دنيا جي هر ڌر سان ٺهي ويندا پر قومپرستن سان سندن سسُ نُنهن وارو ڦڏو آهي.

حقيقت اها آهي ته پارليامينٽ جي سياست ڪندڙ قومپرست GDA ۾ رهن يا پنهنجي پنهنجي پارٽين تان اليڪشن وڙهن، اليڪشن مهم ۾ ڪهڙو به جنت جي باغ جهڙو پروگرام پيش ڪن ۽ پ پ مخالفت ڇڏي اُن جا مداح بڻجي وڃن، پنهنجن تڪن ۾ سال جا 365  ڏينهن عوام سان رابطي ۾ رهن پر هُو ڪڏهن به اسيمبلين ۾ نه اچي سگهندا، جيستائين هو اسڪرپٽ جي “رائٽر” ۽ ڊرامي “ڊائريڪٽر” کي راضي ڪري، ڊرامي ۾ ڪو نه ڪو ڪردار نه ٿا وٺن.

پ پ جي عشق ۾ گرفتار سموري سنگت کان هڪڙو معصوم سوال آهي ته تصور ڪريو ته سنڌ ۾ ڪو معجزو ٿي پوي ۽ خدا نخواسته (1) سنڌ جي اسڪولن کي بند رکي قوم کي جاهل بڻائي رکڻ جي حڪمت عملي ختم ٿي وڃي ۽ بهترين معياري تعليم عام ٿي وڃي. (2) ماڻهن کي بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامني جي آڙاهه ۾ اُڇلڻ جي پاليسي کي ختم ٿي وڃي. (3) سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر جي عهدي جو وڪرو بند ٿي وڃي. نااهل ۽ ڪرپٽ وي سين کي برطرف ڪري انهن جي جاءِ تي يونيورسٽين ۾ فضيلت وارا جينٽلمين انسان وي سي مقرر ڪيا  وڃن. (4) عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان شهيد محترما جي فوٽو ۽ نالي سان “انڪم سپورٽ پروگرام” جي خيرات ڏئي، اِموشنل (جذباتي) بليڪ ميلنگ جي مشق بند ٿي وڃي. (5) اليڪشن کٽندڙ(Electable)   جي خريد و فروخت تي پابندي پئجي وڃي. (6) اليڪشن جي ٽڪيٽن کي ڪروڙن ۾ وڪڻڻ جو سلسلو ختم ٿي وڃي، (7) اليڪشن ۾ گهمنڊي وڏيرن، جاگيردارن، پيرن ۽ گادي نشينن جي بدران پڙهيل لکيل، اهل ۽ ايماندار نوجوانن کي ٽڪيٽون ڏيڻ جي رسم رائج ٿي وڃي. (8) اليڪشن ۾ سرڪاري مشينري ۽ سرڪاري وسيلن جي استعمال تي مڪمل پابندي پئجي وڃي. (9) سياسي مارڪيٽ ۾ “سُوڊو دانشورن” ذريعي سنڌ ۾ پ پ جو متبادل نه هجڻ واري هٿرادو بيانئي جو اشتهار مدي خارج بڻجي وڃي. (10) فري ۽ فيئر اليڪشن يقيني ٿي پئي ۽ اليڪشن جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ذريعن سان ٿئي.

مٿي پيش ڪيل ڏهن ئي نقطن واري صورتحال کان پوءِ ڏسون ته ڪير ٿو 130 مان 84 سيٽون ٻهاري؟ ان صورتحال ۾ پ پ سميت جيڪو به عوامي مينڊيٽ کڻي حڪومت ٺاهي ٿو ته پوءِ انهن کي ٻنهي هٿن سان سلامي پيش ڪبي.