پورهيت سان پيار ڪريو

0
210

دنيا اڄ جن آسائشن سان ڀرپور پرسڪون زندگي گذاري رهي آهي، انهي ۾ هن پورهيت جو اهم ڪردار آهي جيڪو پورهيت پاڻ ته اڄ به ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي پر هن جي محنت ۽ مشقت عيوض دنيا ڏاڍي سڪون ۽ سهولتن سان ڀرپور آهي، انهن پورهيتن جو اڄ سڄي دنيا ۾ عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ايئن اسان جي ملڪ ۾ به انهن مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي موڪل ڪئي وئي آهي، پر اسان جي ملڪ جا 9 9 سيڪڙو مزدور اڄ سندن ئي عالمي ڏينهن کان بي خبر آهن، کين خبر ئي نه هوندي ته اڄ ملڪ ۾ سندن ڏينهن جي مناسبت سان موڪل ٿيل آهي، وڏيون پگهارون ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ وارا ماڻهو توڙي ننڍي نوڪري وارا به سرڪاري ۽ خانگي ادارن جا ملازم اڄوڪي ڏينهن تي موڪل ڪري ويٺل آهن، پر موڪل ناهي ته رڳو انهن پورهيتن کي ناهي جن جي نالي سان منسوب ڪيل اڄوڪو ڏينهن عالمي ايوانن توڙي اسانجي ملڪ جي حڪمرانن پاران به ملهايو پيو وڃي. هن سماج ۾ حقيقي طور جيڪو ماڻهو محنت ۽ مشقت ڪري ٿو اهو پورهيت ئي آهي، ٻني ۾ صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ پهچي ٻني جو ڪم ڪار ڪندڙ مرد توڙي عورتون هاري سڏجن ٿا، اهي به پورهيت آهن، جن جي محنت سان جيڪو فصل ٿئي ٿو، اهو ئي فصل انهن کي کائڻ لاءِ نه هجڻ برابر ملي ٿو، جيئن ڪڻڪ جي پوک ڪندڙ، لابارو ڪندڙو ۽ ٿريشر مشين تائين پهچائڻ کان وٺي انهي ڪڻڪ کي ٻوري ۾ بند ڪرڻ ۽ وري اٽي جي چڪي يا مل تائين پهچائيندڙ مزدور انهي اٽي لپ جي لاءِ پريشان هوندا آهن، کين سڄي ڏينهن جي محنت کانپوءِ سندن ئي هٿن سان پوکيل ڪڻڪ جي ماني مشڪل سان ميسر ٿئي ٿي،
ڇاڪاڻ جو هن نظام ۾ انهن مزدورن جو حصو ايترو ئي رکيل آهي جو اهي صرف ٻين جي لاءِ ڪمائين. ميوا ڀاڄيون توڙي ٻيون زرعي شيون جيڪي هارين جي هٿن مان نڪري مارڪيٽ تائين پهچن ٿيون ته انهن کي وڪرو ڪندڙ ماڻهو ته انهن مان ارب پتي بڻجي وڃن ٿا پر اهي هاري يا سندن ٻچا عام مارڪيٽ مان اهي ئي شيون خريد ڪرڻ جي سگهه به نٿا رکن. ساڳي ريت جيڪو رازو آهي اهو ٻين جي لاءِ تمام خوبصورت ۽ لگزري گهر تعمير ڪري ٿو، ساڻس گڏ مٽي يا سيمينٽ تغاري ۾ ڀري ڏيندڙ مزدور پر آسائش گهر ٺاهي مڪمل ڪن ٿا، پر انهن وٽ پنهنجي رهڻ جي لاءِ جهڳي يا ڪو ڪمزور ديوار وارو ڪمرو به مشڪل سان هوندو آهي، جو اهي پنهنجي معصوم ٻچن سان گڏ انهي اجهي ۾ برسات، طوفان ، اس، گرمي يا سردي کان پاڻ يا پنهنجي ٻچن کي بچائي سگهن. ساڳي صورتحال اليڪٽريشن جي آهي، اهي جيڪي ٻين جي گهرن جا ايئر ڪنڊيشن، فرج ۽ زندگي جي آسائش جون ٻيون اليڪٽريڪل شيون مرمت ڪري ڏيندو آهي، هن جي پنهنجي گهر ۾ ته پکو به مشڪل سان لڳل نظر ايندو.
اهڙي ريت جيڪي به پورهيت آهن، اهي ٻين ڪاڻ جيئڻ واري فلسفي تي نه چاهيندي به زندگي گذارين ٿا، اها هڪڙي حقيقت آهي ته ٽيڪنيڪل ڪم جا ڄاڻو پورهيت نان ٽيڪنيڪل پورهيتن کان ڪجهه وڌيڪ سکيا ستابا آهن پر انهي جو مطلب اهو هر گز ناهي ته اهي پورهيت ڪا پرسڪون زندگي جيئندا آهن، ٽيڪنيڪل توڙي نان ٽيڪنيڪل پورهيت ته رڳو پورهيت ئي هجي ٿو، انهي ڪري پورهيت سان سماجي رويا به ڪي سٺا ناهن. پنهنجو خون ولوڙي پگهر وهائي پورهيو ڪندڙ مزدورن کي جتي مناسب اجرت ملڻ وڏو مسئلو آهي اتي سرڪار پاران پنهنجي ئي مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي به عمل ڪرائڻ لاءِ ڪي سنجيده قدم نٿا کنيا وڃن، اهو ئي سبب آهي جو ڪارخانن کان وٺي دڪانن تائين ڪم ڪندڙ پورهيت هجي يا وري رازي کان وٺي پلمبر تائين هر پورهيت پنهنجو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ به مشڪل سان پالي ٿو سگهي، اهڙي صورتحال ۾ سگهاري قانونسازي جي به سخت ضرورت آهي. سنڌ ۾ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم، نياڻين جي ڏاج توڙي سندن علاج جي سهوليت سميت سنڌ سرڪار جا ڪجهه ڪم قابل تعريف آھي،
ايئن وفاق ۽ سمورن صوبن جي سرڪار کي گهرجي ته پورهيتن جي رجسٽريشن وارو ڪم تڪڙو مڪمل ڪري، جيئن سنڌ جو پورهيو کاتو هاڻي نادرا سان گڏجي ڪري رهيو آهي، نادرا سان گڏجي رجسٽريشن ڪندڙ ليبر کاتي کي رڳو ڪارخانن تائين محدود نه رهڻ گهرجي، اها رجسٽريشن رازي جي به ٿيڻ گهرجي.جيتوڻيڪ ارڙھين ترميم کانپوءِ ليبر کاتو صوبائي سبجيڪٽ آهي پر ان باوجود وفاق کي والدين جهڙو ڪردار ادا ڪندي ملڪ جي مزدورن لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ صوبن کي به انهي لاءِ هر يوسي سطح تي ان قسم جو ڪو فارم متعارف ڪرائڻ گهرجي، جنهن ۾ شهر جي هر ماڻهو جي رجسٽريشن ٿيل هجي، رازو، واڍو، مٽي جا ٿانو ٺاهيندڙ ڪنڀر، موچي ۽ ٻيا جيڪي به مزدور آهن،
انهن جي رجسٽريشن ڪرڻ گهرجي، انهي رجسٽريشن سان جتي سنڌ ۾ مختلف قسم جي مزدوري ڪندڙ پورهيتن جا حقيقي انگ اکر گڏ ٿيندا، اتي سندن لاءِ سرڪار پاران ڪنهن به پيڪيج جي اعلان جي صورت ۾ اصل مستحق به مفيد ٿي سگهندا، جنهن سان ملڪ ۾ غربت جي شرح ۽ انهي کي گهٽائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ به آساني ٿيندي ته ليبر کاتي پاران پورهيتن لاءِ متعارف ڪرايل پيڪيج جو پڻ کين فائدو ٿيندو. انهي سان گڏ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن “ماسين” توڙي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي به رجسٽريشن لاءِ ڪو مڪينزم جوڙيو وڃي، ته جيئن گهريلو ڪم ڪندڙ پورهيتن جا صحيح معنيٰ ۾ انگ اکر سامهون اچي سگهن،
کين ملندڙ اجرت جو به پتو پئجي سگهي۽ اڪثر انهن گهريلو ملازمن تي تشدد يا مختلف الزام به لڳن ٿا انهن کان به ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ پوءِ اڄوڪي ڏينهن تي انهن ڏهاڙي مزدورن جي موڪل جو اعلان ڪري سندن هڪ ڏينهن جي اجرت جيتري رقم سرڪار پاران انهن مزدورن کي ادا ڪئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجي موڪل واري ڏينهن جي ڪٽجندڙ مزدوري کان به محروم نه ٿي سگهن ۽ هن عالمي ڏينهن جي اهميت کان به واقف ٿي سگهن.