باذوق ماڻهن جي موڪلاڻي جي موسم

0
509

ان ڏينهن لاڙڪاڻي مان اها اڀاڳي خبر پهتي ته اسان جو گهڻ پاڙهو ليکڪ دوست قدير شيخ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.قدير شيخ جي ويجهن دوستن ۽ سندس ادبي لڏي جي ماڻهن لاءِ يقينن اها صدمي جهڙي خبر هئي.قدير شيخ جي هليو وڃڻ کانپوءِ مان اهو سوچي رهيو آهيان ته ان قسم جي پوري نسل جي هليو وڃڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي مان ڇا ڇا هليو ويو آهي.قدير شيخ اسٽيج ڊرامن کان ويندي آرٽ موويز، ناياب ڪتابن ۽ ناياب موسيقي جو وڏو مداح هو.لاڙڪاڻي ۾ ٻه ڏهاڪا اڳ جڏهن اسٽيج ڊرامن جو عروج هوندو هو ۽ شهر جي مختلف محلن ۾ ناٽڪ منڊليون هونديون هيون ته قدير شيخ انهن ۾ ليکڪ ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان تمام گهڻو سرگرم هوندو هو.مختلف ناٽڪ منڊلين وارا کيس استاد ڪري رهنمائي لاءِ گهرائيندا هئا.
انهن ڏينهن ۾ طارق شيخ جي ناٽڪ منڊلي سندس ٿاڪ هوندو هو، جتي منير باغي به موجود هوندو هو ته قاسم ڪيهر جي سائيڪل تي چڙهي اسان به اچي سنگت سان ڪچهريون ڪندا هئاسين.انهن ڏينهن ۾ سعيد ميمڻ اڃان شاعري جي شروعات مس ڪئي هئي پر شروعات ئي غضب جي ڪئي هئائين.لاڙڪاڻي جي ادبي منظر تي ان وقت رزاق مهر، واجد، ملڪ آگاڻي جهڙن ليکڪن جي ڇاپ هوندي هئي.انهن سان ڪچهريون ڪرڻ يا ملڻ ئي اسان سيکڙاٽن لاءِ وڏي ڳالهه هوندي هئي.اسٽيج ڊرامن واري ان عروج جي زماني ۾ اسان سڀني ڇڙن کي طارق شيخ چانهن جو اڌ ڪوپ ڪيڪ سميت ڏئي چوندو هو غريبو عياشي ڪريو ۽ ان عياشي ۾ هڪ اضافو تڏهن ٿيندو هو جڏهن سردين جا ڏينهن ايندا هئا ته طارق گرم پاڻي ڪري باٽلي ڀري رکندو هو ۽ صبح سان اها به واقعي عياشي محسوس ٿيندي هئي.ان وقت قدير جو گهڻو تڻو وقت پراڻي ٽينڪ چوڪ ڀرسان طارق جي آفيس تي گذرندو هو.انهن ئي ڏينهن ۾ قدير کي انگريزي ماستريءَ جو آرڊر مليو جيڪو هن جوائن ڪيو پر آرٽ سان پنهنجي دلچسپي جاري رکيون آيو.
طارق شيخ واري آستاني کانپوءِ قدير باقراڻي روڊ تي هڪ ٻيو ٺڪاڻو به ٺاهيو جيڪو هڪ دوست جو وڊيو شاپ هوندو هو.جتي اهي آرٽ موويز به ملي وينديون هيون جيڪي پوري شهر ته ڇا ڪراچي ۾ به ڳولڻ مشڪل هونديون هيون.قدير ان وڊيو ڪارنر تي پاڻ کي وڏي آسيس ۽ فرحت ۾ ويٺل محسوس ڪندو هو.ان ئي وڊيو شاپ تان اسان قاسم جي موٽرسائيڪل تي اچي ڪجهه وڊيو ڪيسٽون کڻي قاسم ۽ سعيد جي ڳوٺ عاقل ۾ وڃي قاسم جي جڳهه فقير منزل تي ڏسندا هئاسين.انهن ڏينهن ۾ قدير کي اسان ڏاڍو خوش خوش ڏسندا هئاسين. قدير شيخ باقراڻي روڊ تي ميونسپل جي پراڻي ڪني مشين ڀرسان رهندو هو جنهن ڪري اسان سنگت ۾ کيس ڪڏهن ڪڏهن چيڙائڻ لاءِ چوندا هئاسين هيلو مسٽر قدير شيخ فرام ڪني مشين..ته هو هميشه جيان صرف مسڪرائي خاموش ٿي ويندو هو.فلسفو يا مارڪس ازم سندس پسنديده موضوع هوندا هئا جنهن ڪري اسان ڪڏهن ڪڏهن کيس ننڍي کنڊ جو ننڍو دانشور چوندا هئاسين.قدير ڪامريڊ حيدر جويو سان گڏجي مزدورن جي حقن لاءِ ڪم به ڪيو ۽ ان جدوجهد ۾ به سندس ڪردار ليکڪ وارو رهيو.
ماڻهن کي ليڪچر لکي ڏيندو هو يا ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هو. قدير جي عادت هوندي هئي پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان ٻاهر گهٽ نڪري.جنهن ڪري ڪراچي يا حيدرآباد سندس وڃڻ گهٽ ٿيندو هو پر منور سولنگي ۽ يامين بلوچ سان جوڙ هڻي جڏهن به ويندو هو ته ڪتابن جون ڀريون ٻڌي واپس ايندا هئا.اهي ڪراچي مان ڪتاب خريد ڪري اچي اسان جهڙي مخلوق تي رعب ڪندا هئا ته فلاڻو ڪتاب توهان پڙهيو ته ڇا ٻڌو به نه هوندو پر ڏسو اسان ڪراچي مان وٺي آيا آهيون.قدير جي ذوق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو هو چونڊ ليکڪن ۽ چونڊ ڪتابن جو عاشق هوندو هو. اسڪول مان واندو ٿي گهران فريش ٿي هو اچي مهراڻ هوٽل تي ويهندو هو جتي هوٽل مئنيجر ۽ ادب دوست مئنيجر روشن ٽوٽاڻي کيس تمام گهڻي عزت ۽ توجهه ڏيندو هو.
مهراڻ هوٽل جي مئنيجر جي ڪمري ۾ قدير ڪيترائي ڪتاب پڙهيا ۽ ڪيترائي ڊرامه اسڪرپٽ لکيا هوندا.سندس ڪمري ۾ هر طرف سگريٽ جو دونهون ۽ وکريل ڪاغذ هوندا هئا.قدير جي ڪل ڪائنات اها معمول واري زندگي هئي.روزمره جي ڪمن کان واندو ٿي هو اچي مهراڻ هوٽل وسائيندو هو.جتي کيس ڪيئي دوست مليا ۽ ڪيئي وڇڙي به ويا.
جنهن زماني ۾ قدير طارق شيخ واري ناٽڪ منڊلي آفيس ۾ ويهندو هو ان زماني ۾ اسان جا عشق چوٽ چڙهيل هئا ته قدير وڏڙن واري هدايت ڪندي چوندو هو ڇو ٿا اجايو پنهنجو وقت وڃايو.اهي فضول شيون آهن.اهو وقت به پنهنجي سماج اندر ڪا مثبت تبديلي آڻڻ تي صرف ڪريو.انهن ڏينهن ۾ قدير مزدورن خاص ڪري ٻيڙي ٻاڌن مزدورن سان ڪم ڪندو هو.سندس ڳالهه ۾ وزن هوندو هو پر اسان مڙڻ وارا ڪٿي
.پر عجيب لڪاءُ اهو ٿيو جو انهن ملاقاتن جي لڳ ڀڳ ويهن سالن بعد وري جڏهن اسان ويجهو ٿياسين ته مونکي هڪ بدليل قدير مليو جيڪو پاڻ عشق جي آزار ۾ مبتلا ٿيل مريض لڳو پيو هو.مونکي پنهنجو استاد ڪري مونکان ڪا رهنمائي وٺڻ جو چيائين ته مون کيس اهوئي جواب ڏنو هو ته اسان تنهنجي چوڻ تي عمل ڪندا اهي ڪم ڇڏي سڌري وياسين ته وري تون پاڻ اچي انهن چڪرن ۾ ڦاٿو آهين.اسان جڏهن به ملندا هئاسين ته مختلف ڳالهين تي جام سارا چرچا ڀوڳ ڪري کلندا هئاسين.سو قدير جي بريڪنگ نيوز جهڙي عشق واري خبر تي اسان جام کلياسين.مون نه صرف کيس خوش ڪرڻ لاءِ لطيفا ٻڌايا پر سندس چوڻ تي اها مدد به ڪئي ته کيس پنهنجي گاڏي ۾ کڻي سندس ان محبوبه تائين پهچائي آيس جيڪا پنهنجي ماءُ جي علاج جي سلسلي ۾ چانڊڪا اسپتال داخل هئي.قدير ڊرامه آرٽسٽ ته هو سو ان لمحي به هن هڪ سين ڪريئيٽ ڪندي پنهنجي محبوبه کي منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو هو ته هي منهنجو ڊرائيور آهي.پر بعد ۾ هن تمام گهڻي خلوص وارو اصلي تعارف پڻ ڪرايو هئس.
هاڻي جڏهن قدير هليو ويو آهي ته مونکي ايئن ٿو لڳي لاڙڪاڻي مان رزاق مهر، واجد، ملڪ آگاڻي بعد آيل ٽهيءَ جا اديب سعيد ميمڻ ۽ قدير به هليا ويا آهن ته ادبي ماحول يقينن سوڳوار بڻيل آهي ڇو ته قدير ۽ سعيد وڃڻ ۾ واقعي گهڻي تڪڙ ڪئي.سنگت ۾ سندن خال ڀرجڻ مشڪل آهي.